يزيديت اڄ به يوني پولر شڪل ۾ دنيا لاءِ عذاب بڻيل آهي!!!!!

Spread the love

اڄ سموري دنيا يوم عاشور نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي رهي آهي. 10 محرم الحرام جي ڏهاڙي تي پيغمبرِ اسلام آقاءِ دو جهان، امام الانبياءَ حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي نهايت ئي پياري ڏوهٽي حضرت امام حسين عليه السلام سندس گهرڀاتين ۽ ساٿين ڪربلا جي ميدان تي حق ۽ سچ لاءِ جان جا نذرانا ڏنا. يوم عاشور وارو ڏهاڙو سموري دنيا جي ماڻهن لاءِ خير ۽ شر جي وچ ۾ فرق کي ظاهر ڪرڻ واري راهه هموار ڪري ٿو، جنهن تحت امتِ مسلمه غمِ حسين عه ملهائي دنيا ڏانهن حق ۽ سچ وارو پيغام پهچائيندي رهي ٿي.

پر جيئن ته دنيا تي هميشه شيطاني طاقتن جو غلبو رهيو آهي جو هزارين سالن کان طاقتور قومن هٿان ڪمزور ملڪ ۽ انهن جو عوام موت جي ور چڙهندي سندن غلامي کي قبول ڪندو رهيو آهي، اهڙين ظالماڻين جنگين دوران لکين بلڪه ڪروڙين ماڻهو موت جو شڪار ٿيا ۽ لکين خاندان طاقت ور ماڻهن جي غلاميءَ حوالي ٿيندي بدتر ۽ عذاب واري زندگي گهاريندا رهيا، ان کان سواءِ ظالماڻي قبيلائي نظام هيٺ نياڻين کي جيئري زمين ۾ دفن ڪرڻ، قبلائي تڪرارن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهو عدم تحفظ جو شڪار ٿيڻ بعد بچاءَ لاءِ هميشه هٿيار بند رهڻ کي اوليت ڏيندا هئا،

اهڙي بدترين دور ۾انسانيت هر قسم جي براين سميت قتل گيري، بي ايماني، ڪوڙ، ٺڳي، شراب، شباب جي ور چڙهي چڪي هئي، ان وقت الله پاڪ پاران حضرت محمد مصطفيٰ صه جي صورت ۾ پيغمبر موڪليو ويو ته جيئن خوبصورت ڌرتي تي ٿيندڙ خرابين کي روڪي سگهجي، اهڙي خداوند ڪريم جي منشا مطابق آقا صلي الله عليه وسلم جن نه رڳو خدائي پيغام کي عالم انسانيت وٽ پهچايو پر انهن خرابين کي روڪڻ لاءِ جنگيون پڻ ڪيون، سائين جن جي دور کان بعد هڪ ڀيرو ٻيهر يزيديت واري دور ۾بي حيائي،

شراب خوري سميت براين ڪَرُ کنيو ته آقا صلي الله عليه وسلم جي پياري ڏوهٽي امام حسين عه جن اهڙي براين واري نظام جي خلاف جدوجهد ڪئي، انهيءَ جدوجهد ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ايمان صفت مسلمانن، معصوم توڙي وڏن سيدشهزادن شهادت حاصل ڪئي، جڏهن ته امام زين العابدين کي زنجيرن ۾ جڪڙي اهل و عيال سميت شام جي گهٽين ۾ سرگس ڪرائي يزيديت کي طول ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر تاريخ شاهد آهي ته هزارين سال گذرڻ باجود اڄ به حسينيت زندهه آهي، جڏهن ته يزيديت جو نالو ۽ نشان مٽجي ويو ۽ مٿس لعنت، ملامت جو سلسلو هلندڙ آهي جيڪو تا قيامت جاري رهندو.

اهڙي ئي يزيديت واري تسلسل تحت اڄ به سپر پاور آمريڪا ۽ سندس ساٿاري طاغوتي طاقتون برطانيه، فرانس، جرمني، اٽلي ۽ ٻيا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا طاقتور ملڪ دنيا جي وڏي حصي جي آبادي رکندڙ ٽئين دنيا جي غريب ملڪن تي نه رڳو ظالماڻي طرز تي حڪمراني ڪري رهيا آهن پر انهن ملڪن جي عوام کي ٻن ويلن جي ماني کان به محروم رکڻ لاءِ نام نهاد “پابندين” جو شڪار بڻايوپيو وڃي، ايتري تائين جو موجوده جديد ۽ ترقي يافته واري دور ۾به آمريڪا جي ناجائز اولاد طور مشهوري ماڻيندڙ ملڪ “ اسرائيل” دنيا جي سپر پاور آمريڪا جي سهڪار سان بنا خوف ۽ خطري جي خوفناڪ بمباري ڪري هزارين بيگناهه فلسطينين کي شهيد ۽ لکين معصوم ٻارڙن، عورتن، بزرگ فلسطينين کي زخمي ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي بچيل فلسطينين کي بک وگهي مارڻ جهڙين مڪروه سازش تحت کاڌ،

خوراڪ جي مد ۾ ايندڙ پرڏيهي امداد به بند ڪري ڇڏي آهي، اهڙي سفاڪي، ظلم ۽ قتل عام تي دنيا جي غير مسلم ملڪن سميت 52 اسلامي ملڪن مان ڪوبه فلسطينين جي حق ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن لاءِ کين رڳو آمريڪا جو ئي ڊپ آهي، اهڙي طرح سان آمريڪا پنهنجي ناجائز اولاد اسرائيل جي اشارن تي وچ اوڀر جي تيل، گيس ۽ معدنيات تي ڦر مار لاءِ راهه هموار ڪرڻ لاءِ مزاحمت جو اڪيلي بڻيل ڪردار ايران تي پڻ جنگ مڙهي آهي، اهڙي طرح سان ماضي واري سپر پاور ملڪ روس کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ يوڪرين سان جنگ ڪرائي ۽ دنيا ۾ اڀرندڙ عالمي معيشت واري ملڪ چين کي جنگ ۾ ڌڪڻ لاءِ تائيوان کي هُشي ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پر امن ايٽمي پروگرام جي حوالي سان يوني پولر آمريڪا ۽ سندس جمعدار بڻيل اسرائيل ڀارت جي پٺي ٺپيندا رهيا آهن، پر تازو ڀارت پاران پاڪستان تي ڪيل حملي سندن حوصلا خطا ڪري ڇڏيا آهن، اهڙي طرح سان موجوده دور ۾ آمريڪا، يورپ، اولهه، نيٽو، اسرائيل جي ڳٺ جوڙ سان سموري دنيا لاءِ يزيدي ڪردار بڻيل آهن، جنهن کان دنيا تنگ اچي چڪي آهي.

جُولاءِ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو