طوفاني برساتن جو الرٽ، برفاني ڇپون ڦاٽڻ جو خطرو

اسلام آباد (م ڊ) موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ چوماسي برساتن جو نئون طاقتور سسٽم سرگرم ٿي رهيو آهي، جيڪو اڄ کان 10 جولاءِ تائين پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير سميت ڪيترن علائقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو. رپورٽ موجب، برساتن سبب پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ ندين نالن ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي،
جڏهن ته 6 کان 8 جولاءِ دوران جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائڊنگ جا امڪان به موجود آهن. نائين ڏهين محرم تي پنجاب ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ هن سسٽم سان برساتن جو امڪان گهٽ آهي. صورتحال جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي پي ڊي ايم اي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ لاڳاپيل ادارن کي تيار رهڻ جي هدايت ڏني وئي آهي.
موسميات کاتي موجب گرمي پد وڌڻ سان موسمي گليشيئر نظام جي ڍنڍن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي. پي ڊي ايم اي موجب خيبرپختونخوا ۾ ٻوڏ سبب برفاني ڍنڍون ڦاٽڻ جو خطرو آهي.
جُولاءِ 5, 2025