سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ 30 سيڪڙو الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ۽ 30 سيڪڙو ڊسپيريٽي الائونس ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پگهارن ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت هٿياربند فوج جي ملازمن، سول آرمڊ فورسز ۽ سڀني وفاقي سول ملازمن جي موجوده بنيادي پگهار تي 10 سيڪڙو ايڊهاڪ الائونس جاري ڪري ڇڏيو آهي، اهو الائونس ڪانٽريڪٽ ملازمن جي بنيادي پگهار ۾ به شامل هوندو.
ان کانسواءِ ناڻي واري وزارت پهرئين کان 22 گريڊ تائين ملازمن کي 30 جون 2022 جي بنيادي پگهار تي 30 سيڪڙو ڊسپيريٽي الائونس ڏيڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، جيڪو پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿي ويو آهي.