اسان اسرائيلي دهشتگردي خلاف ايران جي مدد ڪئي: اسحاق ڊار

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان 9 ۽ 10 مئي تي ڀارت کي اهو سبق سيکاريو، جيڪو سدائين ياد رکيو ويندو.
لاهور ۾ داتا درٻار ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڀارت جي جارحيت خلاف ڪامياب ٿيو، دنيا ڀارتي جارحيت خلاف پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو.
هن چيو اسان اسرائيل جي دهشتگردي خلاف ايران جي سفارتي مدد ڪئي، ايران کي به اندازو ٿي ويو ته سچو دوست پاڪستان ئي آهي، ايراني پارليامينٽ ۾ پاڪستان جي حمايت ۾ نعرا لڳيا، شهيدن جي جنازن تي پاڪستاني پرچم لهرايا ويا.

جُولاءِ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو