آخري وارننگ..! ڪنهن به گهٽ وڌ ڳالهايو ته سڄي عمر عدالتن جا چڪر ڪاٽيندو: ناديا خان

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميزبان ۽ اداڪارا ناديا خان مٿس تنقيد ڪندڙ اداڪارن ۽ اينڪرن کي قانوني ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
سپر اسٽار هانيا عامر جي ڀارتي فلم ”سردار جي ٿري“ جي رليز جي موقعي تي ناديا خان هانيا جي واکاڻ ڪندي ڀارتي فلم ۾ سندس ڪم جي ساراهه ڪئي هئي، جڏهن ته ان کان اڳ پنهنجي ئي شو ۾ هن چيو هو ته هانيا ڀارت ۾ ڪم ڪري پنهنجو وقت ضايع ڪري رهي آهي.
پر اوچتو پنهنجي موقف ۾ تبديلي کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن ۽ شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙ ماڻهن طرفان ناديا کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
ااداڪارا ثروت گيلاني، فيصل قريشي، بهروز سبزواري ۽ ياسر حسين سميت ڪيترن ئي فنڪارن ناديا جي شو تي تنقيد ڪئي، جڏهن ته تازو ئي سينيئر اداڪارا صبا فيصل به هڪ وڊيو پيغام ۾ ناديا خان ۽ ٻين ميزبانن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
ان ڏس ۾ ناديا خان پنهنجي يوٽيوب چئنل تي هڪ وڊيو شيئر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هاڻ ڪنهن به مٿس ذاتي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو.
هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن اخلاقن کي پئسن ۽ شهرت لاءِ وڪامبو ته پوءِ قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو.
ناديا خان چيو ته هو رڳو ڪرمنل ڊيفاميشن نه پر سول ڊيفاميشن ۽ پيڪا قانون تحت به ڪيس داخل ڪرائيندي، جنهن کانپوءِ انهن ماڻهن کي سالن تائين عدالت جا چڪر لڳائڻا پوندا، هي آخري وارننگ آهي ۽ جيڪڏهن اڳتي ڪو به ذاتي حملو ڪيو ويو ته ان جا نتيجا سخت هوندا.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻ گهڻو ٿي ويو آهي، جيڪڏهن ڪنهن ذاتي نوعيت جو تبصرو ڪيو ته کيس قانوني طور جواب ڏيڻو پوندو.

جُولاءِ 5, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو