ڇور ٽائون ڪميٽي پاران 2025-26 لاءِ 19 ڪروڙ رپين جو بجيٽ پيش، ترقياتي ڪمن تي زور

ڇور (رپورٽر) ٽائون ڪميٽي جي سال 2025.26 جي بجيٽ ڇور ٽائون ڪاميٽي چئيرمين نظر محمد آريسر پاران پيش ڪئي وئي جنهن مطابق آمدني جو تخمينو 11 ڪروڙ 51 لک 1600 سئو 31 رپيا لڳايو ويو ان ۾ سنڌ سرڪار کان ملندڙ گرانٽ 10 ڪروڙ 10 لک 28000 ھزار ڏيکاري وئي آهي ۽ پينشن فنڊ لاء 83 لک 43 ھزار 600 سئو 31 رپيا ٽينڊر في 4 لک رپيا واٽر سپلاء في 3 لک رپيا پٽ پڙي في 10 لک رپيا سرٽيفڪيٽ في 35 ھزار مرمت لاء گرانٽ 36 لک 80 ھزار رپيا ڏيکاريا ويا جڏهن تـ خرچ جو تخمينو 19 ڪروڙ 19 لک 78 ھزار 6 سئو 31 رپيا لڳايو ويو
جنهن ۾ پگھارن لاء 3ڪروڙ 79 لک 15 ھزار ٻيا خرچ ڪانٽيجينسي 3 ڪروڙ 67 لک 70 ھزار مرمت بابت 1 لک رپيا ترقياتي ڪمن بابت 10 ڪروڙ رپيا ضروري خرچا 50 ھزار رپيا شاگردن لاء اسڪالرشپ 10 لک رپيا عام ڀلائي جي ڪمن لاء 23 لک رپيا رٽائر ٿيندڙ ملازمن لاء 83 لک ٽيتالھ ھزار 6 سئو 31 رپيا پيٽرول لاء 45 لک رپيا ڏيکاريا ويا آهن
ان موقعي تي وائيس چيئرمين مولوي محمود نھڙي ڪائونسلر منٺار آريسر ڪائونسلر ھندوسنگھ سوڍو ڪائونسلر راجو ڀيل ڪائونسلر سورج ڀيل بجيٽ پاس ڪرڻ جي منظوري ڏني ان موقعي ته ڪائونسلرن چيو ته ٽائون چيئرمين ھڪ سٺي بجيٽ پيش ڪئي آھي جنھن ته ٽائون چيئرمين کي جس ڏيون ٿا بجيٽ جي اجلاس ۾ ٽائون آفيسر ساجد شاھ شاھد ھاليپوٽو انجنيئر علي حسن خاصخيلي انجنيئر مھندر ديو
آغا خان پٺاڻ ڪلارڪ عثمان منڱريو ڪلارڪ چندن بجير لال بخش خاصخيلي اصغر آريسر ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا ان موقعي ته ٽائون چيئرمين نظر محمد آريسر ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته منھجي خواھش آھي ته وارڊن ۾ برابري جي بنياد ته ترقياقي ڪم ڪرايا ويندا ھن چيو ته پاڻي تعليم صحت ۽ ٻين بنيادي سھولتن لاء وڌ ۾ وڌ ڪم ڪرايا ويندا
جُولاءِ 4, 2025