پ پ حڪومت ۾ شامل ٿئي يا عوام وٽ وڃي: يوسف رضا گيلاني

Spread the love

اسلام آباد(م ڊ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته، مون پارٽي کي تجويز ڏني آهي ته يا ته حڪومت ۾ شامل ٿيو يا وري الڳ ٿي ڪري سڌو عوام وٽ وڃو، پر ان حوالي سان فيصلو ڪرڻ جو اختيار سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي وٽ ئي آهي، ڊان نيوز جي پروگرام دوسرو رُخ ۾ ميزبان نادر گرامي سان ڳالهائيندي، دٻاءُ هيٺ قانون سازي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن ڪو رضاڪاراڻي طور تي پنهنجي وفاداري تبديل ڪرڻ چاهي ته اهو سندس ذاتي اختيار آهي، پر پارٽي سربراهن وٽ ايترا وسيع اختيار آهن جو جيڪڏهن ڪنهن خاص معاملي تي ڪو ميمبر ووٽ نه ڏئي ته پوءِ اهو ميمبر رهي نٿو  سگهي، ان ڪري مان دٻاءُ واري ڳالهه سان اتفاق نٿو ڪريان،

گذريل چونڊن بابت سوال تي يوسف رضا گيلاني چيو ته مان سمجهان ٿو ته جنهن کي کٽڻو هجي، اهو کٽيندو آهي ۽ جنهن کي هارائڻو آهي اهو هارائجي ويندو آهي پر مان ان تي ڪو تبصرو نٿو ڪري سگهان توهان کي به نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته هي معاملو عدالت ۾ آهي، مخصوص سيٽن جي تشريح بابت سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته ڏسو، انهن کان غلطي ٿي وئي،

جو اليڪشن ڪنهن ٻي جماعت جي پليٽ فارم تان وڙهيو. جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي تي پابندي لڳائي وئي ته قانوني ماهرن جي صلاح تي پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جوڙي وئي پر عمران خان کي ڪو به صحيح مشورو نه ڏنو ويو، موجوده نظام جي نوعيت بابت سوال جي جواب ۾ يوسف رضا گيلاني چيو ته اصل ۾ هاڻ هي هڪ سيڪيورٽي اسٽيٽ بڻجي چڪي آهي،

اسان جون اوڀر ۽ اولهه واريون سرحدون هن وقت سخت ڇڪتاڻ هيٺ آهن، ۽ عالمي حالتون به ايتريون سازگار ناهن، تنهنڪري ادارن تي تنقيد ڪرڻ بدران گڏجي هن صورتحال جو مقابلو ڪرڻ گھرجي، جڏهن توهان گڏجي مقابلو ڪيو ته پوءِ توهان نتيجا به ڏٺا، دفاع واري وزير جي بيان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته ملڪ ۾ ڪو به هائبرڊ سسٽم بلڪل به نه آهي، اها خواجه آصف جي ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿي.

جُولاءِ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو