پورٽ قاسم: نجي ڪمپني مان مقامي ملازمن جي جبري نيڪالي خلاف احتجاج، بحالي جو مطالبو

ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي ) پورٽ قاسم لڳ نجي ڪمپني ٽرمينل ون مان مقامي ملازمن جي جبري نيڪالي، مخصوص تعصبي لابي ٻين صوبن مان ماڻهو گهرائي ڀرتي ڪري ڇڏيا، نيڪالي ڏنل ملازمن جو عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، ڌرتي ڌڻين سان ناانصافي خلاف سخت نعريبازي، ملازمتن تي بحالي جو مطالبو تفصيل موجب پورٽ قاسم لڳ نجي ڪمپني ٽرمينل ون مان ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪندڙ سينيئر واچ مين اقبال ڪلمتي سميت مقامي ملازمن کي جبري طور نيڪالي ڏيئي ڪمپني ۾ مخصوص تعصبي لابي ٻين صوبن مان ماڻهو گهرائي ڀرتي ڪري ڇڏيا آهن
جنهن عمل خلاف نيڪالي ڏنل ملازمن اقبال ڪلمتي ،وهاب گبول, ڀورا لال ڀيل ۽ بين جي ڳواڻي رزاق آباد جي مک چوڪ تي گڏ ٿي احتجاجي ريلي ڪڍي احتجاج ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ ڀليڪارڊ هئا ۽ هو اقبل ڪلمتي کي بحال ڪريو،مقامي ماڻهن کي نوڪرين تان برطرفيون بند ڪريو ،
ڳوٺن لڳ موجود فيڪٽرين ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيونه جا نعرا هڻندا عوامي پريس ڪلب ملير پهتا جتي ڌرڻو هڻي وهي رهيا ان موقعي تي اقبال ڪلمتي صحافين کي ٻڌايو ته هو ٽرمينل ون ۾ ڪيترن ئي سالن کان ملازمت ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪري رهيو آهي پر اتي موجود مخصوص لابي ڪامورا ٻين صوبن مان پنهنجا ماڻهو گهرائي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڪمپني ۾ مون سميت مقامي ماڻهن کي بلاجواز نوڪرين مان ڪڍي بيروزگار ڪري رهيا آهن
جيڪا بنيادي انساني ۡقن جي ڀڃڪڙي آهي هن چيو ته ڄاڻايل ڪامورن ڪمپني تي مڪمل قبضو ڪري گهوٻين هڻي ڪمپني تباهي ڪنچي پهچائي ڇڏيو آهي انهن ڪامورن پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ مون واچ مين جي نوڪري تان هٽايو آهي هن چيو ته هن ڪمپني جي مالڪ کي ثبوتن سان خط لکي آگاهي ڏني آهي کيس پڪ آهي ته ڪمپني جو مالڪ انڪوائري ڪرائي مون سميت سمورن مقامي ماڻهن کي نوڪري تي بحال ڪندو
جُولاءِ 4, 2025