ٺٽي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن جو الزام، مسلم ليگ ن اڳواڻن جو احتساب جو مطالبو

ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي) پاڪستان مسلم ليگ ن ٺٽي جي جنرل سيڪريٽري ليبر ونگ يعقوب سمون، يوٿ ونگ صدر منان پٺاڻ ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حيدرآباد ڊويزن عبدالله جاکرو ٺٽي م صحافين اڳيان دانھيندي الزام ھڻندي چيو اھي ته گذريل ڪيترن سالن کان وٺي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪرپشن ۽ لٽمار ايجنٽ مافيا جي ور چڙهي ويو آهي،
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا بينيفشري 85 ھزار کان مٿي آھن، جنھن ۾ ٻارڙن جو تعليمي وظيفو ان کان علاوه آھي، جڏھن تہ ھڪ ھزار کان ٻه ھزار في بينيفشري کان سري عام وصول ڪيا ٿا وڃن، جڏھن تہ شڪايت آفيس جو سمورو عملو ان ڪرپشن ۾ ملوث آهي، ھنن الزام ھڻندي چيو تہ ڊي جي سنڌ ذوالفقار شيخ، آي ڊي ملڪ مقصود ۽ سندس عملي پاران في ڊوائيس ھولڊر تي 50 هزار مقرر ڪيو ويو آهي، جنھن بعد وصولي کان پوءِ ڪرپشن جي کلي عام ڇوٽ ڏني ويئي آهي،
ھنن چيو تہ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ٿہ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو ۽ ٺٽي جا چونڊيل نمائندا ھن معاملي تي خاموش بڻيل آهن، شڪايت آفيس ٺٽو جا ننڍا وڏا مقرر ملازم ماڻهن سان سري عام بدتميزي ڪري ڌڪا ڏيئي آفيس مان ڪڍي ڇڏيندا آهن، جنھن جون شڪايتون اسان راجا انصاري صلاحڪار وزير اعظم پاڪستان کي پڻ ڪري چڪا آھيون. پر ڪير بہ ھن طرف ڌيان ڏيڻ لاڀ تيار ناھي، ھنن سمورن وس وارن کقن گھر ڪئي تہ ڪرپشن ۾ ملوث سمورن آفيسرن ۽ عملي خلاف ڪاروائي ڪري مستحق مانھن سان انصاف ڪيو وڇي،
بئي صورت ۾ ڀرپور تحريڪ هلائڻ سان گڏ ڊي جي سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو ۽ اي ڊي اي ملڪ مقصود خلاف ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪرائڻ سان گڏ اسان وزير اعظم پاڪستان ميان شهباز شريف ۽ ايف آئي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊي جي نيب کي پڻ گذارش ٿا ڪريون ته فورن ھن اھم مسئلي طرف ڌيان ڏيئي سخت قدم کڻي ٿيندڙ ڪرپشن کي ٻنجو ڏيئي مستحق عورتن ۽ حقدارن سان انصاف ڪري ٿيندڙ غير قانوني ڪٽوتي کي بنجو ڏيئي ڏيئي ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيز مافيا خلاف پڻ ڪاروائي ڪئي وڃي.
جُولاءِ 4, 2025