شاھ لطيف ٽائون: بجلي، گيس ۽ پاڻي جي بندش خلاف ڌرڻو، قومي شاهراهه بند
ملير (ذوالفقار علي نصيراڻي)شاھ لطيف ٽائون ڀرسان بجلي ۽ گيس جي بندش خلاف ڌرڻو، قومي شاهراهه تي ٽريفڪ معطل شاھ لطيف ٽائون ڀرسان عبداللہ ڳوٺ جي رهواسين پاران بجلي، گيس ۽ پاڻي جي مسلسل بندش خلاف قومي شاهراهه تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو،
جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي احتجاج ڪندڙ رهواسين جو چوڻ هو ته انتظاميا جي بي حسي سبب زندگي عذاب بڻجي وئي آهي ۽ انتظاميا ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، بجلي، گيس ۽ پاڻي بند آهي، اسان کي بنيادي سهولتن کان محروم ڪيو ويو آهي ٻي طرف ڌرڻي سبب پوليس احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ پهتي،
پر رهواسين روڊ کولڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. سندن موقف هو ته جيستائين بجلي، پاڻي ۽ گيس جي فراهمي بحال نه ڪئي ويندي، تيستائين احتجاج جاري رکيو ويندو اطلاع تي اعلي پوليس عملدارن پهچي بجلي جي بحالي جي خاطري ڪرائي جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو
جُولاءِ 4, 2025