دادو ضلعي ۾ محرم الحرام دوران سڪيورٽي جا سخت انتظام، 3029 اهلڪار مقرر، موبائل سروس معطل

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ضلعي ۾ عشره محرم الحرام دوران سڄي ضلعي ۾ سڪيورٽي جا ڀرپور انتظام ڪيا ويا 4 اضافي پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن, محرم الحرام دوران دادو ضلعي ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ دادو ايس ايس پي امير سعود مگسي جي اڳواڻي ۾ محرم الحرام جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ پهرين محرم کان 10محرم تائين ماتمي جلوسن مجلس عزائن ،

امام بارگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ 3029 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا ،جڏهن ته سڪيورٽي جي حوالي سان 55 پوليس موبائل ون 40 موٽر سائيڪلون روڊ تي موجود هونديون، دادو ضلعي ۾ امام بارگاهن جو ڪل تعداد 42 آهي ، جن مان 11 انتهائي حساس، 13 حساس ۽ 18 نارمل آهن ، امام بارگاهن جي حفاظت لاءِ 395 اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن،

عاشورا محرم دوران ضلعي ۾ 269 ننڍا ۽ وڏا ماتمي جلوس برآمد ٿيندا جن ۾ 42 حساس، 71 حساس ۽ 156 عام جلوسن سان گڏ 1395 پوليس اهلڪار سيڪيورٽي جا فرائض انجام ڏيندا، ڊيوٽي تي هوندا، عاشورا ۾ ضلعي ۾ 333 مجلسون منعقد ٿينديون، جن ۾ 95 انتهائي حساس 99 حساس ۽ 139 عام نوعيت جا آهن،

 انهن مجلسن جي سيڪيورٽي لاءِ 495 اهلڪار مقرر ڪيا ويندا ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ رضاڪار به سيڪيورٽي ڊيوٽي ۾ مدد ڪندا، جڏهن ته مرڪزي امام بارگاھ طرفان حيدري اسڪائوٽ پڻ سيڪيورٽي جا فرائض انجام ڏيندا، جڏهن ته سڄي ضلعي ۽ شهرن جي داخلي وخارجي رستن تي گاڏين ۽ شڪي ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي پئي وڃي.

 هوٽلن، مسافر خانن، ريلوي اسٽيشنن، بس اسٽينڊن تي شرپسند عناصر جي ڳولا لاءِ چيڪنگ ڪئي پئي وڃي، گشت وڌائي ۽ اهلڪارن کي الرٽ رکيو ويو آهي، جڏهن ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي جوانن کي الرٽ ڪيو ويو آهي، 8 محرم الحرام ڏهاڙي تي دادو ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ بند ڪيو ويو آهي،

جُولاءِ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو