بي بي ايل 15 جو شيڊيول جاري، سڀني کي بابر ۽ شاهين جي مقابلي جو اوسيئڙو

سڊني (ويب ڊيسڪ) بگ بَيش ليگ (بي بي ايل) جي 15هين سيزن جو مڪمل شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فائنل سميت ڪُل 44 ميچ کيڏيون وينديون.
ليگ جا مقابلا 14 ڊسمبر 2025ع کان شروع ٿيندا ۽ 25 جنوري 2026ع تي ٽورنامينٽ جون ٻه ٽاپ ٽيمون آخري دنگل ۾ دوبدو ٿينديون.
ڪرسمس جي ڏينهن ۽ شام ۽ کانسواءِ هر رات مداح پنهنجي پسنديدا سپر اسٽارز کي ايڪشن ۾ ڏسي سگهندا
ٽورنامينٽ جو افتتاحي ميچ پرٿ اسٽيڊيم ۾ پرٿ اسڪارچرز ۽ سڊني سڪسرز جي وچ ۾ کيڏي ويندي، ان ميچ ۾ پاڪستاني سپر اسٽار بيٽر بابر اعظم پهريون ڀيرو بي بي ايل ۾ سڊني سڪسرز جي نمائندگي ڪندي نظر ايندو.
هڪ ٻئي وڏي مقابلي ۾ بابر اعظم جي سڊني سڪسرز جو مقابلو برسبين هيٽ سان ٿيندو، جتي پاڪستان جو اسٽار فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي پنهنجا جوهر ڏيکاريندو.
شاهين آفريدي هن سال جي بي بي ايل ڊرافٽ ۾ ”نمبر ون“ پِڪ هو ۽ برسبين هيٽ جي فاسٽ بالنگ لائين اَپ جو اهم حصو هوندو.
انتظاميا ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ سيزن کي وڌيڪ دلچسپ بڻائڻ لاءِ اهڙو شيڊيول ترتيب ڏنو آهي، جنهن موجب هر ٽيم شروعاتي 10 ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هوم ميچ ضرور کيڏندي ته جيئن اسٽيڊيم ۾ تماشائين جي اچڻ ۽ ٽي وي تي ميچ ڏسندڙن جي انگ وڌائي سگهجي.
هن سيزن ۾ پاڪستاني مداحن لاءِ به خاص دلچسپي هوندي، ڇو ته سندن پسنديده ستارا آسٽريليا جي ميدانن تي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندا.