اهو نه پڇو ته ملڪ توهان لاءِ ڇا ڪيو،اهو پڇو ته مون ملڪ لاءِ ڇا ڪيو آهي:ڪيپٽن ايمان دراني

Spread the love

لاهور/اسلام آباد(عمران شفقت)پاڪ فوج جي ڪيپٽن ايمان دراني جي وڊيو اڄڪلهه وائرل آهي،اها نوجوانن کي خطاب ڪندي چئي رهي آهي ته مان اهو نٿي چوان ته پاڪ فوج جيڪو ڪري رهي آهي اهو ٺيڪ ڪري رهي آهي پر مان چوان ٿي ته پاڪستاني فوج جيڪو فيصلو ڪندي آهي اهو ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ڪندي آهي،اهو نه پڇو ته ملڪ توهان لاءِ ڇا ڪيو،اهو پڇو ته مون ملڪ لاءِ ڇا ڪيو آهي،هن چيو ته اسان رڳو آرمي جي ڪري نه بيٺا آهيون پر ادارن جي اجتماعي ڪوششن جي ڪري بيٺا آهيون،

سوشل ميڊيا تي هڪ صارف سوال ڪيو ته اسان ڇو نه پڇون ته ملڪ لاءِ اسان لاءِ ڇا ڪيو؟ اسان ٽيڪس ڏئي رهيا آهيون،ملڪ جو ڪو نقصان نه پيا ڪريون ته ملڪ هلائيندڙ ٻڌائين ته اهي اسان کي هن ملڪ ۾ ڇا ڏئي رهيا آهن،دفاع واري وزير خواجا آصف به ڪيپٽن ايمان دراني جو خطاب براوو جي ايموجي سان گڏ پوسٽ ڪيو ۽ لکيو ته هن فوجي عورت جي ڳالهين مان مودين کي تڪليف ٿيڻ گهرجي يوٿين کي ڇو ٿي رهي آهي،

بنيادي طور تي اها نوجوان عورت فوجي ڪيپٽن اسٽبيلشمينٽ بابت پاڪستاني نوجوانن ۾ جيڪو ناڪاري تاثر آهي ان کي زائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،پر دنيا ۾ نظام حڪومت هلائڻ لاءِ جيڪو بهترين رستو آهي اهو جمهوريت جو آهي اڃا تائين ان جو ڪو متبادل نظام ناهي آيو،

فيصلا عوام کي ڪرڻ گهرجن،پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي ڪيپٽن ايمان دراني کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي پر عمران خان وري بوٽ پالش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جنهن جو الزام هو اڄڪلهه شهبازشريف تي هڻي رهيو آهي،هو هائبرڊ نظام کان ٻاهر نه پيو نڪري،ٻئي پاسي قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي پگهارن ۾ بي پناهه واڌ واري معاملي تي وزير دفاع خواجا آصف پاران سخت تنقيد بعد اياز صادق وزيراعظم کي هڪ احتجاجي خط لکيو آهي،

پاڪستاني حڪمران اشرافيه جا مسئلا به ڳنڀير ٿيندا پيا وڃن،انهن جو نظام تي ايترو وسيع قبضو ٿي چڪو آهي جو ويٺي ويٺي پنهنجون پگهارون وڌائي رهيا آهن،ٻئي پاسي عام پاڪستاني جي هن رياست ۾ ايتري حيثيت آهي جو سوات ۾ هڪ خاندان درياهه ۾ ڦاسي پيو پر رياست ان جي والي وارث نه بڻجي،سڄو خاندان ٻارن سميت ٻڏي ويو،

گوجرانواله ۾ عالمي ڪبڊي رانديگر جا ٽي ٻار صحت لاءِ هاڃيڪار کاڌو کائڻ سبب مري ويا،رياست جو اهو حال آهي جو ڪير پڇاڻو ڪرڻ وارو ناهي ته بازار ۾ اهڙو کاڌو ڇو پيو وڪرو ٿئي؟خواجا آصف جنهن هائبرڊ نظام جا گڻ پيو ڳائي ان نظام حڪمران اشرافيه جي وسيلن تي قابض ٿيڻ ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪيو آهي،هن نظام ۾ پاڪستان جو غريب ماڻهو صفا فارغ ٿي چڪو آهي،

جُولاءِ 4, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو