ڪمشنر نديم احمد ابڙو جو قاضي احمد جو دورو، محرم الحرام جي انتظامن جو جائزو

Spread the love

نوابشاهه (رپورٽ: عبدالفتاح رند) ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن نديم احمد ابڙو اڄ قاضي احمد جو دورو ڪري محرم الحرام جي حوالي سان صفائي، روشني ۽ ٻين انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن قاضي احمد جي امام بارگاهه جي منتظمين جام فيروز انڙ ۽ ٻين سان ملاقات ڪري سيڪيورٽي سميت مختلف انتظامن بابت معلومات ورتي ان موقعي تي ڪمشنر نديم احمد ابڙو اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد کي هدايت ڪئي ته محرم الحرام دوران قاضي احمد ۾ منعقد ٿيندڙ ماتمي جلوسن،

مجلسن ۽ ٻين مذهبي پروگرامن لاءِ مناسب سهولتون ۽ انتظامن جي نگراني کي يقيني بڻايو وڃي.ڪمشنر وڌيڪ چيو ته هو محرم الحرام جي حوالي سان انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊويزن جي ٽنهي ضلعن جي تعلقن جو دورو ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد چوڌري ارسلان پڻ موجود هو. بعد ۾ ڪمشنر نديم احمد ابڙو محرم الحرام دوران سيڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ڊي آءِ جي پوليس شهيد بينظيرآباد، پرويز احمد چانڊيو سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي.

 ان موقعي تي ڊي آءِ جي پرويز احمد چانڊيو ڪمشنر کي ٻڌايو ته محرم الحرام دوران ڊويزن جي ٽنهي ضلعن ۾ سيڪيورٽي انتظامن کي يقيني بڻايو ويو آهي. ان کان اڳ، ڪمشنر نديم احمد ابڙو ڊائريڪٽر جنرل ايڪسائيز سنڌ سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي زور ڀريو ته شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي ٽنهي ضلعن ۾ پھرين کان 30 محرم الحرام تائين شراب جي گتن کي بند ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي.

جُولاءِ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو