پنجاب ۾ مخالف ڌر جي 26 ميمبرن خلاف ريفرنس تيار

لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ 26 مخالف ڌرميمبرن خلاف ريفرنس تيار ڪري ورتو جڏهن ته تحريڪ انصاف به ريفرنس جو قانوني مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن جي طرفان ٿيل هنگامي ڪارروائين جي معاملي تي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. پنجاب اسيمبلي سيڪريٽريٽ 26 مخالف ڌر ميمبرن خلاف باقاعده ريفرنس تيار ڪري ورتو آهي.
تحريڪ انصاف به ريفرنس جو قانوني مقابلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.مخالف ڌر اڳواڻ ملڪ احمد بچر چيو آهي ته اسپيڪر دٻاءَ ۾ آهن، اسان هن معاملي کي قانوني طريقي سان منهن ڏينداسين. ذريعن موجب، پنجاب اسيمبلي جو سيڪريٽري جنرل عامر حبيب اليڪشن ڪميشن ڏانهن ريفرنس داخل ڪرائڻ لاءِ روانو ٿي ويو آهي. ريفرنس لاءِ سيڪريٽريٽ ضروري دستاويز به گڏ ڪري ڇڏيا آهن.
اسيمبلي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمر عطا بنديال جي حمزه شهباز خلاف ڏنل فيصلي جو حوالو به ريفرنس ۾ شامل ڪيو ويو آهي.تحريڪ انصاف به واضح ڪيو آهي ته هو ريفرنس جو قانوني مقابلو ڪندو. اپوزيشن ليڊر ملڪ احمد بچر چيو آهي ته اسپيڪر دٻاءَ هيٺ آهي، اسان قانوني طور تي مقابلو ڪنداسين.
جُولاءِ 3, 2025