ٺٽو: ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج مسز مُشتري خانم پاران عدالتي ڪارروائين بابت وضاحت، ڊان اخبار جي خبر کي حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏنو

ٺٽو( رپورٽ: نظير احمد قريشي) ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ٺٽو مسز مُشتري خانم پاران پنهنجي ڪيل پريس بيان ذريعي عام معلومات لاءِ واضح ڪيو آهي ته 2 جولاءِ 2025 تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ٺٽو پاران ڪا به هڙتال نه ڪئي وئي هئي ۽ نه ئي جوڊيشل ضلعو ٺٽو جي عدالت ۾ عدالتي ڪارروائي مڪمل طور تي روڪي وئي هئي.
هُن چيو آهي ته ڄاڻايل تاريخ تي مختلف عدالتن ۾ ڪُل 215 ڪيس داخل ڪيا ويا، جن مان 39 ڪيس ختم ڪيا ويا جڏهن ته 176 ڪيسن جي ٻڌڻي مخصوص حالتن جي ڪري ملتوي ڪئي وئي ۽ 12 شاهدن جا بيان ورتا ويا. ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ٺٽو جو چوڻ آهي ته روزاني “ڊان” اخبار ۾ 3 جولاءِ 2025 تي ان حوالي سان شايع ٿيل رپورٽ اصل موقف جي صحيح عڪاسي نٿي ڪري ۽ مٿي بيان ڪيل حقيقتن جي برعڪس آهي.
جُولاءِ 3, 2025