ٺٽو: سول اسپتال مڪلي مبينا ڪرپشن ۽ بدانتظامي جو شڪار، ڊائلاسز مريضن کان غيرقانوني رقم وصولي

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي)  سول اسپتال مڪلي ٺٽو بدانتظامي ۽ مبينه ڪرپشن جو گڙهه بڻجي وئي آهي، جتي مرف جي سهڪار سان مقرر ڪيل عملي طرفان بيقصور مريضن سان ظلمن جو سلسلو جاري آهي. معتبر ذريعن موجب اسپتال جي ليبارٽري ٽيڪنيشن ۽ هڪ رٽائرڊ ڊاڪٽر، جيڪي اڳ گھارو سينٽر تباهه ڪري چڪا آهن، هاڻ مڪلي اسپتال ۾ به ساڳئي روش اختيار ڪندي ڊائلاسز مريضن کي موت جي منهن ۾ ڌڪيندا پيا وڃن.

ذريعن مطابق انهن اڻٽرينڊ ۽ نااهل ماڻهن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي نه رڳو حڪومت جي بجيٽ مان ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري رهيا آهن، پر مريضن کان روزانو 500 رپيا غيرقانوني طور به وصول ڪري رهيا آهن. وڌيڪ انڪشاف ٿيو آهي ته ڊائلاسز مشينن کي ڄاڻي واڻي خراب ڄاڻائي في مريض 5000 رپيا رشوت طور وٺي علاج ڪيو پيو وڃي.

اها صورتحال نه رڳو اخلاقي طور شرمناڪ آهي پر انساني حقن جي به ڀڃڪڙي آهي. علائقي واسين پاران وڏي پيماني تي احتجاج ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ٻنهي جوابدارن کي فوري طور عهدن تان هٽائي، اينٽي ڪرپشن کان شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي، جيئن اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ غريب ۽ لاچار مريضن جي جان بچائي سگهجي.

سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين کي اپيل آهي ته اهڙي بيحسي خلاف سخت قدم کنيا وڃن، جيئن صحت جهڙي اهم شعبي مان بدعنوانين جو خاتمو آڻي سگهجي.

جُولاءِ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو