ملير: پورٽ قاسم نجي ڪمپني مان جبري برطرفي خلاف ملازمن جو احتجاج، روزگار جي بحالي جو مطالبو

Spread the love

ملير (ڊر ) پورٽ قاسم نجي ڪمپني جي ملازمن پاران جبري برطرفين خلاف احتجاجي مظاهرو پريس ڪانفرنس ورڪر اتحاد جي اڳواڻن ۽ برطرف ملازمن رفيق عباسي فرمان علي فياض حسين ڀٽو ممتاز مشوري برڪت علي سولنگي احمد گبول آصف خاصخيلي ۽. ٻين چيو ته نجي ڪمپني 2 مهينا اڳ کين بغير ڪنهن نوٽيس جي نوڪرين تان برطرف ڪري  هيڊ آفيس رابطو ڪرڻ جو چيو جڏهن هيڊ آفيس رابطو ڪيو ته کين چيو ويو ڪمپني کين رکڻ نٿي چاهي، اوهان پنهنجي نوڪرين تان استعيفا ڏئي وڃو

برطرف ملازمن دانهيندي چيو ته گذريل ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ سبب هو فاقا ڪشي تي مجبور آهن موجوده مهانگائي جي دور ۾ گهر جو گذر سفر ڪرڻ انتهائي مشڪل بڻجي ويو آهي اسڪولي ٻارڙن جون فيسون توڙي گهرن جو ڪرايو ادا نه ڪري سگهيا آهيون سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون روزگار نه هجڻ سبب سخت اذيت ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون برطرف پورهيتن نجي فوڊ

ڪمپني انتظاميا توڙي صوبائي وزير ليبر نوٽيس وٺي برطرف ڪيل پورهيتن کي بحال ڪري کين روزگار فراهم ڪري ٻي صورت ۾ محرم الحرام کان پوءِ ڪمپني مک گيٽ آڏو احتجاج ڪيو ويندو

جُولاءِ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو