مائنز منرلز بل خلاف سنڌ جا ماڻهو بلوچستان سان گڏ بيهن: لشڪري رئيساڻي

Spread the love

ڪراچي (رپورٽر) بلوچستان جي قوم پرست اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر نوابزاده لشڪري رئيساڻي مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ کي قومي وسيلن تي ڌاڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته هن ڦرلٽ کي روڪڻ لاءِ سنڌ جا ماڻهو بلوچستان جي عوام جي آواز سان پنهنجو آواز ملائين،

جيئن بلوچستان جي باشعور سياسي قيادت ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ۾ سنڌ جو ساٿ ڏنو هو، ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن ۽ سينيئر صحافين سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي هن چيو ته جيئن سنڌ جي بقا سنڌو درياهه ۾ آهي، اهڙيءَ ريت بلوچستان جي ماڻهن جي بقا انهن جي معدني وسيلن ۾ آهي،

اڄ جڏهن بلوچستان جي ماڻهن تي مائنز اينڊ منرلز ايڪٽ  جي ذريعي قبضي جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ته اسان کي به اميد آهي ته سنڌ جا دانشور، تعليم يافته سياسي ڪارڪن هن ايڪٽ خلاف بلوچستان جي ماڻهن جي آواز سان پنهنجو آواز ملائيندا ۽ گڏيل جدوجهد ذريعي بلوچستان کي هن بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪندا،

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي جماعتن پنهنجي صفن ۾ سياسي ڪارڪنن جي جاءِ تي اسٽيبلشمينٽ جي نور نظر ماڻهن کي شامل ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ قومي بحرانن ۾ واڌارو ٿيو آهي، هن چيو ته سياسي جماعت سنڌ جو پاڻي چولستان کي وڪرو ڪيو،

ساڳي جماعت بلوچستان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ جعلي حڪومت کي صوبي تي مڙهيو آهي، سنڌ مان معدنيات، گئس ۽ پيٽرول نڪري رهيو آهي، پر حڪمران طبقن پنهنجا قومي اختيار ۽ ايندڙ نسلن جا وسيلا وڪڻي سنڌ جي ماڻهن کي محروم رکيو آهي.

جُولاءِ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو