سکر: پوليس جي مبينه جعلي مقابلي ۾ شاگرد نصرالله منگڻيجو سخت زخمي، وارثن ۽ وڪيلن طرفان شفاف جاچ ۽ انصاف جو مطالبو

سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ پوليس جي مبينه زيادتي ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو هڪ ٻيو سنگين واقعو سامهون اچي ويو آهي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي مائيڪروبايولوجي شعبي جو شاگرد نصرالله منگڻيجو کي هڪ جعلي پوليس مقابلي ۾ فائرنگ جو نشانو بڻائي سخت زخمي ڪيو ويو متاثر ٿيل شاگرد هن وقت سخت زخمي حالت ۾ سکر جي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي،
جڏهن ته سندس وارثن ۽ وڪيلن پوليس جي هن ڪارروائي کي پوليس گردي قرار ڏيندي شفاف جاچ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي سکر پريس ڪلب ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ايڊووڪيٽ مير خان چاچڙ، متاثر نوجوان جو ماما خادم حسين منگڻيجو ۽ ٻين وڪيلن ٻڌايو ته نصرالله مگنيجو کي پنجين محرم جي ڏينهن سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او موٽرسائيڪل چوري جي ڪوڙي الزام هيٺ گرفتار ڪيو،
۽ سندس آزاديءَ عيوض ڳري رشوت طلب ڪئي وئي هنن الزام لڳايو ته رشوت نه ڏيڻ تي پوليس کيس سائيٽ ٿاڻي منتقل ڪري، هڪ جعلي پوليس مقابلي جي ڪوڙي ڪهاڻي جوڙي، ۽ حراست دوران نصرالله کي ٽنگ ۾ گولي هڻي کيس هاف فرائي، ڪري ڇڏيو جنهن سبب هو هاڻ معذور ٿي چڪو آهي ھنن چيو ته پوليس، واقعي کي لڪائڻ لاءِ الٽو نصرالله مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي ته جيئن ملوث اهلڪارن کي قانوني پڪڙ کان بچائي سگهن ايڊووڪيٽ مير خان چاچڙ چيو ته نصرالله هڪ نهايت ئي شريف ۽ محنتي شاگرد آهي،
جنهن جو ڪنهن به مجرمانه سرگرمي سان ڪو واسطو ناهي هو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ مائيڪروبايولوجي جي شعبي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو ۽ پنهنجي تعليمي خرچن لاءِ پارٽ ٽائم هڪ ميڊيڪل اسٽور تي ڪم ڪندو هو خادم حسين منڱڻيجو چيو ته هي واقعو پوليس جي اختيارن جي بدترين غلط استعمال جي مثال آهي، ۽ ان ظلم خلاف نه صرف قانوني چارا جوئي ڪئي ويندي پر انساني حقن جي تنظيمن سان به رابطو ڪيو ويندو پريس ڪانفرنس ۾ موجود وڪيلن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ،
آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته هن واقعي جي غير جانبدار ۽ شفاف جاچ ڪنهن ايماندار آفيسر ذريعي ڪرائي وڃي، ۽ ملوث پوليس اهلڪارن کي فوري طور معطل ڪري، انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي سول سوسائٽي، بار ايسوسيئشن، ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان اپيل ڪئي وئي ته هو هن واقعي تي آواز اٿارين، ته جيئن مستقبل ۾ بيگناهه شهرين کي پوليس گردي جو نشانو ٿيڻ کان بچائي سگھجي
جُولاءِ 3, 2025