سکر: محرم الحرام ۾ شراب جي کلي عام وڪري خلاف شهرين جو احتجاج، لاڳاپيل ادارن کان ڪارروائي جو مطالبو

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ)محرم الحرام جي ڏهاڙن ۾ جتي شهر ۾ کير ۽ پاڻي جي شبيلي لڳائڻ جو سلسلو تيزي سان جاري آهي، اتي ئي سکر ۾ ايڪسائيز کاتي، ضلعي پوليس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نااهلي ۽ غفلت سبب شراب جي کلي عام وڪري جو سلسلو به تيز ٿي ويو آهي۔ باخبر ذريعن موجب سکر جي ٿاڻي اي سيڪشن کان ٿورا قدم پري واقع شراب خانن کي بار ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جتان شراب جي خريد ۽ وڪري بعد ساڳي جڳهه تي شراب پيئڻ جو سلسلو به تيزي سان جاري آهي۔

محرم الحرام جهڙن مقدس ڏينهن ۾ شراب جي کلي عام وڪري غير اخلاقي عمل آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪئي وڃي، اها گهٽ آهي۔ پر هتي شراب خانن جي مالڪن طرفان بي حرمتيءَ جو سلسلو تيز ڪندي، انهن جا احاطا بارز ۾ تبديل ڪيا ويا آهن، جتي ماڻهو پنهنجي مرضي سان مختلف فليور جي شراب استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن لاءِ ڪا به مقدار مقرر نه آهي۔

ڪيترا ڀيرا اهڙي حالت به ڏسڻ ۾ آئي آهي ته شراب جو اوور ڊوز وٺڻ سبب ڪيترائي نشي ۾ ڌت ماڻهو شراب خانن جي ٻاهران بيهوش پيل هوندا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ڀيرا انهن نشي ۾ مست ماڻهن سبب ڇڪتاڻ ۽ جهيڙا به معمول بڻجي ويا آهن، پر ان ڏس ۾ ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي، جنهن ڪري خاص طور تي شراب خانن جي چوڌاري رهندڙ آبادين کي شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ان سلسلي ۾ جڏهن شراب خانن جي مالڪن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته رابطو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته باخبر ذريعن جو چوڻ آهي ته اهي مالڪ تمام اثر رسوخ وارا آهن، جن جي خلاف ڪو به سرڪاري ادارو ڪارروائي ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي،

ڇاڪاڻ ته انهن شراب خانن جي مالڪن کي وڏن وزيرن جي پٺڀرائي حاصل آهي، تنهن ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهجي۔هڪ سروي رپورٽ مطابق شراب خريد ڪندڙن ۾ وڏي تعداد نوجوانن جي آهي، جنهن سبب انهن جو روشن مستقبل تباهي طرف وڌي رهيو آهي۔ علائقي واسين ۽ شهرين ايس ايس پي سکر ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته شراب خانن جي مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔

جُولاءِ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو