سکر: سائيٽ ايريا پوليس جو ڇاپو، عورت ۽ نوجوان تي مبينا ڪوڙا منشيات ڪيس داخل، وارثن جو انصاف لاءِ مطالبو

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر سائيٽ ايريا پوليس جو ڪارنامو گهر مٿان مٿان چڙھائي عورت مٿان ڀنگ ۽ نوجوان مٿان چرس جو ڪيس داخل ٻئي جوابدار عدالت ۾ پيش 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي جيل حوالي ان سلسلي ۾ سکر جي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس ڳوٺ بلاول کوسو ۾ مبينا ڪارروائي دوران هڪ عورت آسيه زال عبدالوحيد کوسو ۽ محمد مٺل پٽ عالم کوسو کي گرفتار ڪري ورتو پوليس پاران عورت آسيه مٿان ٻه ڪلو گرام ڀنگ ۽ مٺل کوسو مٿان هڪ ڪلو گرام چرس رکڻ جو ڪيس داخل ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت کين 14 ڏينهن جي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت ٻاهران جوابدارن جي وڪيل فياض حسين ميمڻ ۽ متاثرن جي وارثن صحافين کي ٻڌايو آهي ته مٺل کوسو گاڏين کي گريس ڏيڻ جو ڪم ڪندو آهي
ڪالهه هو پنهنجي گهر تي علم پاڪ هڻي رهيو هو پوليس کيس گرفتار ڪري وئي معلومات وٺڻ لاء ٿاڻي تي پهتل سندس ڀيڻ آسيه کي به پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيو هنن ٻڌايو ته سائيٽ پوليس مٺل کوسو ۽ آسيه مٿان منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هنن اعلي اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جي اپيل ڪئي آھي
جُولاءِ 3, 2025