سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس دادو جي عمارت جي تعمير لاءِ اڳڀرائي

Spread the love

دادو(رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس دادو جي عمارت جي تعمير لاءِ تقريبن 435 ملين رپين جون ٽي روائزڊ اسڪيمون خير سان ڊپارٽمينٽل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي اڄوڪي اجلاس ۾ منظور ٿي ويون.

هن اجلاس جي منٽس جاري ٿيڻ بعد پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ڊپارٽمينٽ مان توسيع بعد انشاءاللہ عمارت جي تعمير لاءِ تيار ٽينڊر ٿيندو. هن پوري حاصلات ۾ ايم پي اي دادو بيريسٽر پير مجيب الحق، ميڊم ڪلثوم چانڊيو ۽ ايڊوائزر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ساجد ميمڻ ۽ سندن پوري سٿ جون تمام گهڻيون ڪوششون رهيون آھن،

دادو ضلعي جي عوام کي گهر جي چائٺ تائين معياري اعلي تعليم مهيا ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان هي تمام سٺو قدم آهي جنهن سان يونيورسٽي آف دادو جي قيام لاءِ پڻ سٺي اڳڀرائي ٿيندي. دادو جي عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن،

جُولاءِ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو