”سرفراز احمد، بابر اعظم جهڙا ڪپتان کيسي ۾ کنيو وتندو هو“

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڪرڪيٽر باسط علي چيو آهي ته سرفراز احمد پيدائشي ليڊر هو، بابر اعظم جهڙا ڪپتان سندس کيسي ۾ رهندا هئا.
نجي ٽي وي چينل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي باسط علي چيو ته سرفراز احمد ڪڏهن پنهنجي لاءِ نه سوچيندو هو، چيمپيئنز ٽرافي ۾ هن پنجين نمبر تي رنسون ڪيون ۽ ٽيم جي فائدي لاءِ ستين نمبر تي به کيڏيو.
هن چيو ته سرفراز احمد کي رانديگر ٺاهڻ جي خبر هئي، جيئن يونس خان، انضمام الحق ۽ راشد لطيف ٺاهيا، هي ماڻهو پليئر ٺاهڻ نه ڄاڻندا هئا، بس چاهيندا هئا ته هر شئي اسان جي کيسي ۾ اچي.
سندس چوڻ هو ته سيفي سان زيادتي ڪئي وئي، ان وقت جي چيئرمين احسان ماني ۽ سي اي او وسيم خان سرفراز کي هٽائي بابر کي ڪپتان بڻايو.
باسط علي چيو ته بابر اعظم کي ڪپتاني تان هٽائڻ تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي پر سرفراز کي هٽائڻ تي ڪنهن آواز نه اٿاريو، سرفراز لاءِ ڪير به نه ڳالهائيندو هو، ڇو ته ڊوميسائل جو مسئلو هو.
هن چيو ته صائم ۽ سعود کانسواءِ ڪراچي جي ٻين ڇوڪرن ۾ دم ناهي، هڪ ٽورنامينٽ جي ڪارڪردگي تي ڇوڪرين کي ٽيم ۾ نه آڻڻ گهرجي.

جُولاءِ 3, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو