برساتن جي امڪاني نقصان کان بچڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت
گذريل ڪجهه ڏينهن جي هلڪي برسات به سنڌ جي مختلف علائقن جي حالت اهڙي ڪري ڇڏي آهي، جو گٽرن مان پاڻي اٿلي روڊن تي اچي ويو آهي، ڳوٺن جا رستا ڄڻ پاڻيءَ جا وهڪرا بڻجي ويا آهن ۽ اڃا ته اهو آغاز آهي. موسميات وارا مسلسل اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن ته چوماسي جون برساتون هن ڀيري وڌيڪ شدت واريون هونديون. سنڌ سرڪار جي هڪ سينيئر وزير جو بيان ته،
ڀل برسات وسي، اسان کي ڪا ڳڻتي ناهي ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجا حڪومتي ۽ انتظامي انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن، پر ٻئي پاسي جڏهن انهيءَ بيان کي حقيقي پسمنظر ۾ بيٺل پاڻيءَ، ٽٽل بندن، صفائي کان محروم نالن ۽ غيرموجود ايمرجنسي پلان سان ڀيٽبو ته اهو محض هڪ سياسي بيان کان وڌيڪ ڪجهه به محسوس نه ٿيندو. ائين لڳي ٿو ڄڻ حڪمران پنهنجي بيانن سان عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش نه،
پر تڪليفن مان نظرون هٽائڻ جي مشق ڪن پيا.2022 جي درياهي ۽ برساتي ٻوڏ جو ڏک اڃان تائين سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن مان نه نڪتو آهي. ان ٻوڏ دوران لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، انهن جا گهر ڊهي پيا، سندن فصل تباھ ٿيا، مال مويشي لڙهي ويا، ٻار بيمارين جو شڪار ٿيا، اسڪول، اسپتالون ۽ پڪا رستا به پاڻيءَ هيٺان آيا. انهن ماڻهن جي بحالي اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي. ڪيترائي ڳوٺ اڄ به خيمه بستين جيان پيا لڳن، جتي زندگي ڪانه، پر موت جي خاموشي آهي. جيڪڏهن اها صورتحال اڃا تائين برقرار آهي ته پوءِ سرڪار جي دعوائن تي ڪهڙو ڀروسو ڪجي؟ ڇا حڪمران صرف نئين تڪليف اچڻ جو انتظار ڪن ٿا، يا واقعي به ڪنهن انساني سانحي کي روڪڻ لاءِ تياريءَ جو ارادو رکن ٿا؟
جيڪڏهن ايمانداري سان تجزيو ڪيو وڃي ته ان قسم جي قدرتي آفتن جو مسئلو صرف برسات نه آهي، پر حڪومتي غفلت، ناقص منصوبابندي ۽ انتظامي غفلت جو نتيجو آهي. نالن تان قبضا ختم ڪرڻ، بندن جي مضبوطيءَ لاءِ بروقت مرمت ڪرائڻ، پاڻي جي نيڪال جو موثر نظام قائم ڪرڻ ۽ ايمرجنسي لاءِ علائقائي سطح تي ٽيمون ترتيب ڏيڻ جهڙا ڪم نظرانداز ڪيا ويا آهن. نتيجي طور، جڏهن به ڪجهه گهڙين جي برسات وسي ٿي ته سنڌ جي حالت ائين ٿي وڃي ٿي ڄڻ مهينن کان لڳاتار مينهن وسيو هجي.
ڪراچي، جيڪو ملڪ جو معاشي مرڪز سڏجي ٿو، اتي به برسات وسڻ سان گڏ نالا اٿلي روڊن تي وهڻ لڳن ٿا، اسپتالن جا رستا بند ٿي وڃن ٿا، اسڪول بند ڪرڻا پون ٿا ۽ ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي وڃن ٿا. حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپور خاص، بدين، ٺٽو، مٺي ۽ گهوٽڪي سميت اهي سڀ علائقا لڳ ڀڳ هڪجهڙي صورتحال جو شڪار ٿين ٿا. ڳوٺن ۾ ته حالت ان کان به وڌيڪ خراب آهي. اتي نه ته ايمبولينس ملي ٿي، نه دوا، نه ڪا حفاظتي ۽ ميڊيڪل ڪيمپ ۽ نه ئي ڪا ادارتي مدد وغيره.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته حڪومت هر سال قدرتي آفت کان پوءِ جاڳندي ڇو آهي؟ جيڪڏهن سنڌ سرڪار واقعي سنجيده هجي ته اڳواٽ ئي بندن جي سروي ڪرائي، جن کي ڪمزور سمجهيو وڃي، اتي فوري مرمت ڪرائي وڃي. سم نالن تان قبضا هٽايا وڃن. نالن جي صفائي، پاڻي نيڪال واري مشينري، فٽ پاٿن جي بحالي ۽ علائقائي سطح تي مقامي ماڻهن جي صلاح سان منصوبابندي جو عمل شروع ڪيو وڃي. پر افسوس ته هتي نه نالا صاف ٿيا آهن، نه قبضا هٽايا ويا آهن، نه بندن تي ڪم ٿيو آهي.
اسان جي سياسي قيادت لاءِ قدرتي آفتون ڄڻ هڪ موسمي چئلينج نه، پر مالي موقعا بڻجي ويون آهن. برسات اچڻ کان پوءِ امدادي سامان جي خريداري، ريليف ڪيمپن جي ٺهڻ ۽ عطين جي ورڇ واري عمل ۾ ڪرپشن، سفارشي بنيادن تي امداد جي ورڇ ۽ فائلن ۾ رٿائن جي واڌ، سڀ ڪجهه انهيءَ تباهيءَ جو حصو بڻجي ويندو آهي. عوام کي نه ته وقار ملي ٿو، نه تحفظ، نه انصاف. انهن کي رڳو ريليف جي نالي تي هڪ ويلي جي خوراڪ، ۽ هڪ فوٽو ملي ٿو، جنهن سان حڪومت پنهنجي ڪاميابي جي ڳالهھ ڪندي آهي.
سنڌ جي سرڪار کي هاڻ اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو عوام جي ووٽ سان چونڊجي آيا آهن ته پوءِ عوام جي زندگي، عزت ۽ تحفظ جي ضمانت ڏيڻ به سندن اولين ذميواري آهي. جيڪڏهن اڳواٽ انتظام نه ڪيا ويا، ته برساتن سان گڏ ايندڙ طوفان رڳو ماڻهن جا گهر نه پر حڪومت جي ناڪاميءَ جو پردو به لاهيندو. اهو وقت آهي ته حڪومت ضروري ڳالهين تي ڌيان ڏئي. بندن جي مرمت، نالن جي صفائي، ايمرجنسي طبي امداد، ۽ امدادي سامان جي منصفاڻن ورڇ لاءِ شفاف نظام قائم ڪيو وڃي. مقامي سطح تي رضاڪارن، استادن، سماجي ڪارڪنن، ۽ چونڊيل نمائندن تي ٻڌل برسات بچاءُ ڪاميٽيون جوڙي وڃن، جيڪي علائقائي سطح تي اڳواٽ تياري ڪن. ان کان سواءِ 2022 جي ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن.
جُولاءِ 3, 2025