وڳڻ: ناقص مٽيريل سان روڊ تعمير خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، ٽريفڪ معطل، روڊ کاتي کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ:عاجز چانڊيو) وڳڻ ڀرسان مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن پاران وڳڻ کان قمبر تائين ٺھندڙ روڊ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪڍي ڳوٺ گھٽڙ جي لاڙي وٽ وڪيل علي اصغر مغيري،پپن مغيري،احسان علي،حبدار علي تونيو،علي اڪبر چانڊيو،وزير علي شيخ، زاھد حسين مغيري، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺيڪيدار خلاف ڌرڻو ھنيو ويو ڌرڻي سبب وڳڻ،

 ڪراچي،ڄامشورو،حيدرآباد،شھدادوٽ،قبوسعيد خان،نصيرآباد سميت مختلف ٻين شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڌرڻي سبب مسافرن کي تڪليفن کي منھن ڏيڻ پيو،ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن چيو تہ وڳڻ کان قمبر تائين ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ روڊ جي ڪم ٺيڪيدار ناقص مٽيريل استعمال ڪري رھيو جنهن ڪري روڊ ٺھڻ کان پھريان ئي اکڙڻڻ شروع ٿي ويو آهي

ڳوٺاڻن چيو تہ ٺيڪيدار کي برسات يا امڪاني ٻوڏ جي پاڻي نيڪال لاء روڊ ۾ ڳوٺ گھٽڙ،نصير شاخ،ڪور متل سميت مختلف ڳوٺن کان 10 کان وڌيڪ پليون/موريون ٺاھڻيون آھن پر ٺيڪيدار اھي ٺاھڻ لاء تيار ناھي،ڳوٺاڻن چيو تہ اسان روڊ کاتي جي وزير،ڊي سي قمبر،تڪ جي چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي کان گھر ٿا ڪريون تہ نوٽيس وٺي روڊ جو ڪم ايشين ڊولپمينٽ بينڪ جي پراجيڪٽ تحت تعمير ڪرائي اسان کي امڪاني برساتي پاڻي يا ٻوڏ کان بچايو وڃي.

جُولاءِ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو