نئين مالياتي سال جي پهرين ڏينهن ئي عوام مٿان اڇلايل پيٽروليم جو بم!
وفاقي سرڪار نئين مالي سال 26-2025 جي پهرين ڏينهن ئي پيٽرول جي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم اڇلائي ڇڏيو آهي. هر پندرنهين ڏينهن پيٽروليم جي اگهن جي واڌ ۽ لاٿ جي سلسلي ۾ حڪومت لاڳيتو ٻيو ڀيرو اگهن ۾ واڌ ڪئي آهي، جنهن تحت پيٽرول 8 روپيا ۽ ڊيزل 10 روپيا في ليٽر وڌي ويو آهي.
اها ڪيڏي نه بي حسي آهي ته هڪ پاسي حڪمران مهانگائي گهٽائڻ جي دعوائن مان نه پيا ڍاپجن ۽ ٻئي پاسي هر پندرنهين ڏينهن مهانگائي جو طوفان برپيا ڪيو ويٺا آهن. خاص ڪري جڏهن کان پيٽروليم جي اگهن جي ردو بدل واري پاليسي پندرنهن وار ڪئي وئي آهي تڏهن کان مهانگائي چوٽ چڙهي وئي آهي ڇاڪاڻ ته مهانگائي جو اصل ميٽر پيٽروليم جا اگهه آهن جن جي وڌڻ سان مهانگائي به پاڻمرادو وڌي ويندي آهي جو بازارن، مارڪيٽن ۽ دڪانن ۾ ايندڙ هر شئي پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏين، ڊاٽسن ۽ موٽر سائيڪلن تي ايندي آهي پوءِ پيٽروليم ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏيون پيٽروليم جي اگهن جي واڌ جو خرچ انهن شين جي قيمت وڌائي ڪڍنديون آهن جيڪي گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن تي تي اينديون آهن. ايئن مهانگائي پاڻمرادو وڌي ويندي آهي.ا يئن پبلڪ ٽرانسپورٽ وارا به پيٽرول ۽ ڊيزل وڌڻ سان پاڻمرادو بسن، مني بسن، ڪوچن، ٽيڪسين رڪشائن ۽ بائڪيا اسڪوٽرن جو ڀاڙو وڌائي ڇڏيندا آهن جنهن جو اثر به غريب ۽ وچولي طبقي تي پوندو آهي.
اهو ڏسي به بيحد افسوس ۽ حيرت ٿيندي آهي ته جيڪڏهن پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽبا آهن ته ان حساب سان وري نه شئيون سستيون ٿينديون آهن نه ئي ڀاڙا گهٽ ٿيندا آهن. يعني پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌندڙ اگهن سان پاڻمرادو مهانگائي ته وڌي ويندي آهي پر پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه گهٽجڻ سان پاڻمرادو سستائپ نه ٿيندي آهي. سو حڪومت هر پندرنهن ڏينهن رڳو پيٽرول جي اگهن جي ردوبدل تائين محدود هوندي آهي ان کان پوءِ ڇا ڪجهه ٿيندو آهي، ڪهڙو ردعمل ظاهر ٿيندو آهي تنهن سان حڪومت ۽ حڪمرانن جو ڪو واسطو ناهي هوندو. جيڪو عمل، ورتاءُ يا پاليسي بيڊ گورننس جي نشاندهي ڪري ٿي پر اڄ جي حڪمرانن کي ان جي به ڪا ڳڻتي ناهي ڇاڪاڻ ته کين عوام جي ڪاوڙ ڪروڌ ۽ احتجاج جي ڪا پرواهه ناهي رهي. کين خبر آهي ته هاڻي اقتدار ڏيارڻ واري طاقت جو سرچشمو عوام ناهي رهيو. اقتداري طاقت جو سرچشمو اسٽيبلشمينٽ آهي سو ان جي پاليسين تي هلڻ کي ئي اهي پنهنجي وڏي ڪاميابي سمجهندا آهن.
سو دانهون ۽ رڙيون عوام جو مقدر بڻجي چڪو آهي ۽ مهانگائي جو سور هاڻي سندن زندگين جو ناسور بڻجي چڪو آهي. مهانگائي جو اهو سور تڏهن کان ناسور ٿي چڪو آهي جڏهن کان حڪومت هر پندرنهين ڏينهن پيٽروليم جي اگهن ۾ ردوبدل جي پاليسي اختيار ڪئي آهي جڏهن ته ان کان اڳ پيٽروليم جي اگهن ۾ ماهوار ردو بدل ٿيندو هو ته مهانگائي جو طوفان به ماهوار برپا ٿيندو هو. اڄوڪي نئين نڪور نسل کي شايد اهو عجيب لڳي ته ڪنهن زماني ۾ جيڪا سالياني مالي بجيٽ پيش ٿيندي هئي تڏهن سڀ ڪجهه ان بجيٽ ۾ هڪ دفعو ئي ساليانو اگهه طئي ٿيندا هيا. اڄ وانگر هر پندرنهين ڏينهن شين جا اگهه نه وڌندا هيا.
سو اسان ڪيترن ئي ايڊيٽوريلن ۾ اها تجويز ڏئي چڪا آهيون ته ماضي وانگر گهٽ ۾ گهٽ پيٽروليم جي اگهن ۾ ماهوار ردوبدل واري پاليسي بحال ڪئي وڃي ته جيئن شين جون قيمتون سڄو مهينو ساڳيون رهن ۽ مهانگائي جي طوفان تي به ڪجهه ضابطو رهي باقي جيڪڏهن ايئن ئي هر پندرنهين ڏينهن پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ردوبدل ٿيندو رهندو ته عوام جو مڪمل طور تي ڏيوالو نڪري ويندو.
عام طور تي جڏهن به پيٽروليم جا اگهه وڌندا آهن ته چيو ويندو آهي ته اسان عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ ۽ گهٽجندڙ اگهن جا پابند آهيون پر ڪافي ڀيرا اهو ڏٺو ويو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم جي گهٽ اگهن باوجود هتي پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ ڪئي ويندي آهي جيئن هاڻي ڪئي وئي آهي. رپورٽون آهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا گهٽ اگهه هئڻ باوجود وفاقي حڪومت پيٽروليم جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو آهي. ان جو ڪارڻ آءِ ايم ايف سان معاهدو ڄاڻايو ٿو وڃي جنهن حڪومت تي پيٽروليم ليوي وڌائڻ جي شرط رکي آهي ۽ پيٽروليم ليوي وڌائڻ ڪري ئي پيٽروليم جي موجوده اگهن ۾ واڌ ٿي آهي جيڪڏهن پيٽروليم ليوي ائين ئي وڌيل رهي ته پوءِ پيٽروليم جي اگهن ايئن ئي واڌ ٿيندي رهندي.
هن موقعي تي پاڻ شڪر ڪيون ٿا جو ايران اسرائيل جي جنگ ختم ٿي چڪي آهي نه ته اهو بهانو ڪيو وڃي ها ته جنگين ڪري تيل مهانگو ٿي ويو آهي ۽ اهو به چيو پئي ويو ته تيل جي اگهن ۾ ريڪارڊ اضافو ٿيندو ۽ ممڪن آهي ته کوٽ جو بحران به پيدا ٿئي. پر هاڻي جيئن ته ايران ۽ اسرائيل جي جنگ به ختم ٿي چڪي آهي ته اهو چئي سگهجي ٿو ته پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ جو هڪڙو ئي سبب حڪومت جي اندروني پاليسي، آءِ ايم ايف طرفان پيٽروليم ليوي جي اگهه ۾ واڌ واري شرط آهي. وري اسان هن ئي حڪومت ۾ اهو به ڏٺوسين ته جڏهن پيٽروليم جي مارڪيٽ ۾ ريڪارڊ اگهه گهٽ ٿيا هيا ته تڏهن به ان جو سڌو سنئون فائدو عوام کي ڏيڻ بدران اهي پيسا بجلي جي اگهن ۾ لاٿ ۽ بلوچستان جي ترقياتي ڪمن ۾ڪتب آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي معاشي ماهرن جو به چوڻ آهي ته اصل ڳالهه حڪومت جي پاليسي آهي جيڪڏهن حڪومت عوام دوست هجي، عوام جو ڀلو چاهي ته اها ڪهڙي به طريقي سان عوام کي رليف ڏئي سگهي ٿي ۽ پيٽروليم جي اگهن جو بار پاڻ مٿان وجهي عوام کي رليف ڏئي سگهي ٿي.
جُولاءِ 2, 2025