مٺي: ڀاءُ پاران ذاتي زمين تي قبضي خلاف عباس اڍيجو جو احتجاج، ڊي سي ۽ ايس ايس پي کان انصاف جي اپيل

Spread the love

مٺي (ڊ-ر) ٿر جي ڳوٺ پاٻوهر جي رهواسي محمد عباس ولد جان محمد اڍيجو پنهنجي ڀاء دين محمد ولد جان محمد  اڍيجو خلاف مٺي پريس ڪلب تي پهچي احتجاج ڪندي چيو آھي ته منهنجي ذاتي خريد ڪيل زمين بابا جي حياتي دوران مون  ورتي هئي جيڪا منهجي نالي آھي جنهن جو رجسٽري نمبر 178 آھي.

 اها  زمين ڳوٺ جي گهرن جي ويجهو هجڻ ڪري بابا منهنجي ڀاءَ کي عارضي طور ڀاڄي ۽ گاه وغيره لاء هڪ ايڪڙ جو زميني ٽڪرو پوکائي لاءَ ڏنو هو. هان ڪجه سال گذرڻ بعد منهنجي ڀاءُ نيت بدلائي تقريبن 12 ايڪڙ تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي واپس ڏيڻ لاءَ تيار نه آھي.

 هن چيو ته مون برادري سميت ڳوٺ جي معززين کي دانهن ڏني پر هو ڪنهن جي نٿو مڃي. هن چيو ته هو هاڻي منهنجي ٻني تي خاردار تارون  هڻي قبضو ڪري ويٺو آھي. هن ڊي سي ٿرپارڪر  ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪندي فوري انصاف مهيا ڪرڻ جي  گهر ڪئي آھي.

جُولاءِ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو