مٺي: وڏيري کي ڪاٺيون مفت نه ڏيڻ تي پورهيت گرفتار، تشدد ۽ ڌمڪين خلاف احتجاج

مٺي (ڊ-ر) وڏيري کي مفت ۾ ڪاٺيون نه ڏيڻ تي پورهيت گرفتار مٿس تشدد. خبر موجب مٺي ۾ ڏانو ڌانڌل جي ڳوٺ گرياڻو جي رهواسي پورهيت گل محمد ولد شوڪت علي ٿيٻو پريس ڪلب مٺي پهچي الزام هڻندي ڏانو ڌانڌل جي وڏيري الهورايو ولد جمن ۽ سندس ڀائٽن اسلم ۽ اڪرم جي ظلم ۽ زياديتن خلاف احتجاج ڪندي چيو آھي ته آئون پورهيو ڪندو آھيان
روزانو ديوين جون ڪاٺيون وڪرو ڪندو آھيان ۽ جنهن سان پنهنجي ٻچن جو گذر سفر ڪندو آهيان پر هي وڏيرو ۽ سندس ڀائيٽا پوليس معرفت مون کي بنا ڪنهن ڪيس جي 4 ڪلاڪن تائين ناحق بند ڪري مون تي تشدد ڪيو ۽ هنن مون تي ٻه بار قاتلاڻه حملا به ڪيا ۽ هو مون کي اجايو تنگ ڪري روزي ڪرڻ نٿا ڏين ۽ هو چون ٿان اسان کي ڪاٺيون مفت ۾ ڏيو. نه ڏيڻ تي هو تنگ ڪن ٿا. هن چيو ته ايس ايڇ او رشوت وٺي وڏيري جي ونگار وهي رهيو آهي.
انهي معاملي جو ايس ايس پي نوٽيس وٺي. هن ايس پي ٿرپارڪر ۽ وس وارن کي انصاف جي اپيل ڪئي آھي.
جُولاءِ 2, 2025