مٺياڻي: عبدالحفيظ ڀرٽ جي وارثن جو انصاف لاءِ دانھون، جوابدار اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگهيا

مٺياڻي (رپورٹ: رانا غلام سرور ) گذريل سال فيبروري ۾ وڏيري جي چرچ تي قتل ڪيل نوجوان عبدالحفيظ ڀرٽ جي وارثن معذور ٻارڙن سميت ميڊيا آڏو دانھيندي چيو آھي تہ ڏيڍ سال گذرڻ باوجود پوليس ھڪ بہ جوابدار گرفتار ناھي ڪري سگھي.
مقتول حفيظ ڀرٽ جي وارثن ڀاء ۽ بيوہ معذور ٻارڙن سميت دانھيو تہ پوليس بااثر ماڻهن جي دٻاء سبب اڄ تائين ھڪ بہ جوابدار گرفتار ناھي ڪيو جنھن سبب وڏيرو امام علي ڀرٽ ۽ روپوش جوابدار کين قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. اسانجي گھرن تي فائرنگ پڻ ڪئي وئي آھي تہ ڪيس تان ھٿ کڻي وڃو نہ تہ توھانجو بہ اھڙو ئي حشر ڪنداسين.
مقتول جا معذور ٻارڙا علاج نہ ٿيڻ ۽ غربت سبب بکون ڪاٽي رھيا آھن پر ھو انصاف جي گھر ڪندا رھندا.
جاويد ڀرٽ، عاقب ڀرٽ ۽ ٻين چيو تہ چيف جسٽس، گھرو وزير ضياء الحسن لنجار اسانکي انصاف ڏيارين ۽ اسانکي قتل ٿيڻ کان بچايو وڃي.
جُولاءِ 2, 2025