موبائل فون سمن، ڪارن، کير، ڏهي، ميون سميت 100 کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي ۾ گهٽتائي

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فنانس ايڪٽ 2025 لاڳو ٿيندي ئي درآمدي کير، ڏهي، پنيـر، ميوي سميت سئو کان وڌيڪ شين تي ڊيوٽي ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان ايف بي آر باضابطا طور نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿي چڪو آهي.
نوٽيفڪيشن مطابق پنيـر ۽ ڏهي جي درآمد تي ڊيوٽي گهٽائي وئي آهي، جڏهن ته موبائل فون جي سم ڪارڊن تي ريگوليٽري ڊيوٽي 15 سيڪڙو مان گهٽائي 12 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب تمباڪ تي ڊيوٽي 40 سيڪڙو تائين گهٽ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خارڪ، ناريل ۽ ڪاجو تي ڊيوٽي 16 سيڪڙو تائين گهٽ ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ انجير، انناس، زيتون ۽ انب تي ڊيوٽي ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پپيتي ۽ صوف تي ڊيوٽي 45 سيڪڙو مان گهٽائي 36 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.

جُولاءِ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو