سکر: وفاقي محتسب جي آؤٽ ريچ منصوبي تحت لاڙڪاڻي ۾ 55 مان 51 شڪايتن جو موقعي تي حل

سکر ( رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ سکر جي ريجنل هيڊ سيد محمود علي شاهه لاڙڪاڻو ۾ آؤٽ ريچ ڪمپلينٽ ريزوليشن (OCR) منصوبي تحت شڪايتن جي ٻڌڻي ڪئي۔ مجموعي طور تي 55 شڪايتن کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو،
جيڪي بنيادي طور تي SEPCO (سيپڪو) ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني لميٽيڊ (SSGCL) سان لاڳاپيل هيون۔انهن مان 51 ڪيسن جو موقعي تي ئي ڪاميابي سان فيصلو ڪيو ويو، هڪ ڪيس کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ نيپرا ڏانهن اماڻيو ويو،
جڏهن ته ٽن ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي۔ان ٻڌڻي ۾ سيپڪو آپريشن ڊويزن لاڙڪاڻو رورل جا ايگزيڪيوٽو انجنيئر اصغر سانگي، سيپڪو لاڙڪاڻو سٽي ۽ قنبر شهدادڪوٽ جا ريونيو آفيسر سهيل ڪهُور، ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني لاڙڪاڻو جا ڊپٽي مينيجر سعيد احمد ڪوريجو شرڪت ڪئي۔هي قدم OCR ميڪينزم ذريعي عوام کي تيز ۽ آساني سان انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ وفاقي محتسب جي عزم جو مظاهرو آهي۔
جُولاءِ 2, 2025