سکر: محرم دوران به صفائي جي بدترين صورتحال، ميونسپل عملو بي حسي جو شڪار، شهرين جو سخت احتجاج

سکر (بيورورپورٽ) محرم الحرام جي مقدس مهينن دوران به سکر شهر ۾ ميونسپل عملدارن ۽ ڪم چور صفائي عملي جي سبب صفائي سٿرائي جي حالت ڏينهون ڏينهن بگڙندي پئي وڃي۔ شهر جي مختلف علائقن، تجارتي مرڪزن ۽ روڊن تي جابجا ڪچري جا ڍير لڳل آهن،
جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ نيڪال جو نظام ناڪاره بڻيل هجڻ سبب گندو پاڻي بيهجي وڃڻ معمول بڻجي ويو آهي۔ بلديه سکر جي سينٽري اسٽاف طرفان رشوت عيوض ویزا پاليسي تي عمل ڪندي، لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن جي خاموشي سبب شهر جا ڪاروباري علائقا، اهم رستا ۽ رهائشي پاڙا به ڪچري جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويا آهن۔
سڌ سماءَ وارن حلقن جو چوڻ آهي ته سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر گندگي سبب موئن جو دڙو جهڙو منظر پيش ڪري رهيو آهي۔ صفائي عملي رشوت عيوض ویزا پاليسي تحت ڪچرو کڻڻ بجاءِ شهر جي مختلف هنڌن تي ڪچرو اڇلائي رهيو آهي، جنهن سبب ڪچري جا ڍير وڌندا پيا وڃن۔ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر، ميونسپل ڪمشنر ۽ چونڊيل بلدياتي نمائندا صفائي عملي اڳيان بي وس نظر اچي رهيا آهن۔شهر ۾ گندگي سبب پيدا ٿيندڙ بدبوءِ سان مختلف بيماريون پکڙجڻ لڳيون آهن،
جڏهن ته شهرين ۽ واپارين انتظاميا جي نااهلي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جيئن عام ڏينهن ۽ عيدن تي به صفائي جو بندوبست نه ٿيو، تيئن هاڻ محرم ۾ به صفائي جي بدترين صورتحال انتظاميا جي ناڪامي جو ثبوت آهي۔سکر جي شهرين، واپارين ۽ سياسي سماجي حلقن سکر جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو آهي ته پنهنجي اباڻي شهر جي صفائي ۽ نيڪالي واري صورتحال جو نوٽيس وٺي، ذميوار عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري، شهرين کي بنيادي ۽ بلدياتي سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔
جُولاءِ 2, 2025