سکر: محرم الحرام دوران اولڊ سکر ۾ سول ڊفينس جي فرسٽ ايڊ ڪيمپ، 103 عزادارن کي طبي امداد فراهم

سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ڪنٽرولر سول ڊفينس ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر محمد بخش ڌاريجو ۽ ايڊيشنل ڪنٽرولر امير الدين عباسي جي خصوصي ھدايتن تي محرم الحرام جي سلسلي ۾ عزادارن حضرت امام حسين عليه السلام جي لاءِ اولڊ سکر ۾ فرسٽ ايڊ ڪيمپ ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، گروپ وارڊن محمد احمد شيخ جي نگراني ۾ لگائي وئي.
جنهن ۾ 28 رضاڪارن خدمتون سرانجام ڏنيو ۽ 103 عزادارن کي ابتدائي طبي امداد ڏني وئي.ان موقعي تي ڊپٽي چيف وارڊن ڊاڪٽر سعيد اعواڻ چيو ته اڄ هر پاڪستاني کي سول ڊفينس رضاڪار بڻجڻ گهرجي ملڪ ۾ سماجي انقلاب جي ضرورت آهي دين ڀلائي جو نالو آهي اسلام ٻين جي ڀلائي جي تلقين ڪري ٿو اهي ماڻهو عظيم آهن
جيڪي الله جي رضا لاءِ عوام جي خدمت ڪن ٿا. اهي ئي حڪومتون ۽ ادارا عوام جي دلين تي راڄ ڪن ٿا جيڪي عوام جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا، سول ڊفينس آرگنائيزيشن جي رضاڪارن بنا ڪنهن ذاتي مفاد جي خدمت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي.ھن موقعي تي آغا اڪرم دراني، حاجي رياض کوکر،شيخ محمد عدنان،محمد رفيق چوھاڻ،اشفاق ميتلو،ادريس کوسو،محمد ياسين،زعيم احمد ،شھاب احمد،محمود احمد موجود ھيا
جُولاءِ 2, 2025