سکر: محرم الحرام جي آمد سان علم پاڪ جي تياري ۽ سجاوٽ ۾ تيزي، غازي عباس علمدار جي نالي سان وفاداريءَ جو اظهار

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) محرم الحرام جي ايامن ۾ ڪربلا جي غازي حضرت عباس علمدار جي ياد ۾ نوان علم پاڪ تيار ڪرڻ ۽ انهن جي سجاوٽ جو ڪم تيزيءَ سان شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ تعزين ۽ علم پاڪ جي سجاوٽ وارا اسٽال به لڳي ويا آهن، تيار ٿيل علم پاڪ ۽ سجاوٽي سامان جي وڪري ۾ پڻ واڌارو آيو آهي۔
ان سلسلي ۾ ملڪ جي ٻين شهرن وانگر سکر ۾ به محرم الحرام جي شروعات سان گڏ وفاداريءَ جي علامت ۽ ڪربلا جي غازي حضرت عباس علمدار جي نالي سان نوان علم پاڪ تيار ڪرڻ ۽ انهن کي سينگارڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي، جيڪو محرم جي آخري ڏهاڙن تائين جاري رهندو۔ علم پاڪ ڪاٺ، اسٽيل ۽ ٻين شين مان تيار ڪيا ويندا آهن،
جيڪي مختلف مرحلن مان گذرڻ بعد امام بارگاهن ۽ گهرن تي لڳائي، علمدار ڪربلا کي پرسئو پيش ڪيو ويندو آهي۔غم ۽ علم جي علامت طور تي لڳايل اهي علم پاڪ ڪربلا جي انهن عظيم شهيدن جي ياد ڏيارين ٿا، جن حق ۽ سچ لاءِ پنهنجون حياتيون قربان ڪيون۔ٻئي طرف، يڪم محرم الحرام کان سکر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي جي سبيلن،
لنگر ۽ نياز جو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته شهر جي مختلف هنڌن تي تيار ٿيل علم پاڪ ۽ انهن جي سجاوٽ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جي خريداري به وڌي وئي آهي۔ مومنن پاران امام بارگاهن، گهرن جي ڇتين ۽ ٻين هنڌن تي غازي عباس علمدار جي نالي سان علم پاڪ لڳايا پيا وڃن۔
جُولاءِ 2, 2025