سکر: محرم الحرام جي آمد سان ئي سبزين ۽ گرم مصالحن جي قيمتن ۾ واڌ، شهرين جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

سکر(بيورورپورٽ) سکر ۾ محرم الحرام جو مهينو شروع ٿينديئي سبزيون ۽ گرم مصالحن جي قيمتن ۾ واڌ، انتظاميه ۽ قيمت ڪنٽرول ڪميٽيون خاموش، شهرين کي لنگر ويناز ۾ پريشاني، اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ان سلسلي ۾ سکر ۾ محرم الحرام جي آمد سان گڏ ئي منافعي خور واپاري سرگرم ٿي ويا آهن نياز ۽ سبيلن ۾ استعمال ٿيندڙ شين جي قيمتن ۾ ھٿرادو واڌ ڪري ڇڏي ان ڏس ۾ ٽماٽا،بصر،ساوا مرچ، ادرک، ٿوم، ليمان، پٽاٽا، چانور، ڇولا، گيھ، تيل،
ڳاڙھا مرچ ۽ گرم مصالحن سميت ٻين شين جي استعمال جي شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، شهرين کاڌي پيتي جي قيمتن ۾ اوچتو واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته محرم الحرام کان اڳ ٽماٽا 50 رپيا ڪلو هئا ۽ هاڻي هڪ سئو کان به وڌي ويا آھن بصر به 120 رپيا پنج ڪلو هئا ۽ هاڻي پنجاھ کان سٺ رپيا ڪلو ٿي ويا آھن جڏهن ته ادرڪ اڍائي سئو ڪلو چار سئو۽ ٿوم به 200 مان 350 رپيا ڪلو ٿي وئي آھي
اهڙي ريت ليمان به 400 رپيا ڪلو وڪامجن پيا جڏهن ته گرم مصالحو ۔ڇولا۔چانورن سميت ٻين شين جي قيمتن ۾ به پنجاھ کان ستر سيڪڙو اضافو ٿي ويو آھي جڏهن ته ڪڪڙ جي گوشت ۾ گھٽتائي ٿي آھي۔شھرين لاڳاپيل اختيارين کان نوٽيس وٺي اضافي قيمتون وصول ڪندڙن خلاف ڪارروائي ۽ پرائس ڪنٽرول ڪميٽين کي فعال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
جُولاءِ 2, 2025