خيرپور: محرم الحرام لاءِ سول اسپتال ۾ طبي انتظامات تي گڏجاڻي، خاص وارڊ ۽ ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو اعلان

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سول اسپتال خيرپور ميرس ۾ ايم ايس ڊاڪٽر سيد مسرور ضياء شاھ جي صدارت ۾ محرم الحرام لاءِ طبي انتظامات بابت گڏجاڻي ٿي. گڏجاڻي ۾ سيد حسن عباس، صدر جعفريه ڪائونسل, ايڊووڪيٽ سيد سيد امتياز حسين شاھ، چيئرمين جعفريه ڪائونسل محمد علي، ايڊيشنل ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر سيد نجف علي شاھ، خادم حسين شاھ، سيد فرمان علي شاھ، ڊاڪٽر شيراز ڦلپوٽو، ڊاڪٽر احسان جماڻي ۽ ڊاڪٽر جليل بوزدار شرڪت ڪئي.

جعفريه ڪائونسل جي ميمبرن محرم الحرام جي جلوسن دوران طبي سهولتون فراهم ڪرڻ بابت ڳاله ٻوله ڪئي، ۽ ايم ايس انهن کي يقين ڏياريو ته اسپتال پاران سڀ ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. اسپتال ۾ محرم الحرام لاءِ خاص وارڊ قائم ڪيو ويندو، ۽ ڊاڪٽر آن ڪال موجود هوندا. هڪ ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويندو ته جيئن صورتحال جي نگراني ڪري سگهجي.

ايم ايس چيو ته محرم الحرام دوران ڊاڪٽر آن ڪال موجود هوندا، جن ۾ ايم او ڊاڪٽر، پي جي ڊاڪٽر، سرجن ۽ نيورو سرجن شامل آهن. ڊاڪٽر جليل بوزدار کي طبي ڪيمپن لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو، ۽ ڊاڪٽر سيدنجف علي شاھ انهن سڀني انتظامات جي نگراني ڪندا. اسپتال جو انتظاميا محرم الحرام دوران عزادارن کي بهترين خدمت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.

جُولاءِ 2, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو