ڪي پي ۾ ڪجهه پارٽيون گڏجي حڪومت تبديل ڪري سگهن ٿيون:خواجا آصف

Spread the love

اسلام آباد (م ڊ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا محمد آصف چيوآهي ته اهو ممڪن آهي ته خيبرپختونخوا ۾ 2-4 پارٽيون گڏجي حڪومت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ حڪومت جي رِٽ مڪمل طور ختم ٿي چُڪي آهي ۽ ڪرپشن پنهنجي بلند ترين سطح تي پهچي چُڪي آهي.

سوات سانحي کان پوءِ وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو بيان اهڙو نه هو، جيڪو ڪنهن ذميوار شخص کي ڏيڻو هجي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان انهن کي ويجهو رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، شايد جن جي ذريعي اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي.  ٻئي طرف خواجا آصف چيو آهي ته مودي جي سياست ۽ بيانيو ختم ٿي چڪو آهي.

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو