پاڪ-ڀارت جنگبندي کانپوءِ اهم اڳڀرائي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت جنگبندي کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ قيدين جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جتي پاڪستان ۽ ڀارت هڪٻئي سان قيدين جي فهرستن جي مٽا سٽا ڪئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، قيدين جي فهرست جي اها مٽا سٽا 2008ع ۾ ٿيل قونصلر رسائي معاهدي تحت ڪئي وئي آهي،
جنهن موجب هر سال جنوري ۽ جولاءِ ۾ ٻنهي ملڪن کي قيدين جي لسٽون مٽائڻيون پونديون آهن.
ترجمان ٻڌايو ته پاڪستاني حڪومت 246 ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارتي هاءِڪميشن حوالي ڪري ڇڏي آهي،
جڏهن ته ڀارت حڪومت 463 پاڪستاني قيدين جي فهرست اسلام آباد ۾ پاڪستاني هاءِڪميشن سان شيئر ڪئي آهي.
پرڏيهي ترجمان وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان مطالبو ڪري ٿو ته جيڪي قيدي پنهنجي سزا پوري ڪري چڪا آهن، خاص طور تي مهاڻا، تن کي فوري آزاد ڪيو وڃي ۽ قيدين تائين قونصلر رسائي کي به يقيني بڻايو وڃي.