” هي امن جي نگري آهي، باقي حياتي هتي گذارڻ چاهيان ٿو“ رونالڊو هميشه لاءِ سعودي ۾ ٽِڪڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

Spread the love

رياض (ويب ڊيسڪ) عظيم پرتگالي فٽبالر ۽ سعودي ڪلب النصر جي نمائندگي ڪندڙ ڪرسٽيانو رونالڊو سعودي عرب ۾ مستقل طور رهڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي.
ويجهڙ ڪرسٽيانو رونالڊو النصر ڪلب سان پنهنجو معاهدي جو مدو ٻن سال لاءِ وڌايو آهي، جنهن تحت هو 2027ع تائين النصر ڪلب جو حصو رهندو.
النصر ڪلب طرفان يوٽيوب تي جاري ڪيل هڪ وڊيو ۾ رونالڊو چيو ته هو پنهنجي باقي حياتي سعودي عرب ۾ گذارڻ چاهي ٿو.
رونالڊو سعودي عرب کي امن جي نگري قرار ڏيندي چيو ته ” هي اهو ملڪ آهي جتي مان ۽ منهنجو ڪٽنب گهر جهڙو ماحول محسوس ڪري ٿو.“
هن چيو ته ” فيملي هميشه منهنجي فيصلن جي حمايت ڪندي رهي آهي ۽ اسين سعودي عرب ۾ خوش آهيون، ماڻهو اسان تمام گهڻي گرمجوشي سان پيش اچن ٿا، تنهنڪري اسين چاهيان ٿو ته پنهنجي باقي زندگي هتي ئي گذاريان.“
ياد رهي ته ڪرسٽيانو رونالڊو پهريون ڀيرو 2022ع ۾ سعودي عرب جي ڪلب النصر سان معاهدو ڪيو هو ۽ هاڻي هن ٻيهر ٻن سال لاءِ نئون معاهدو ڪيو آهي.
نئين معاهدي تحت رونالڊو کي ساليانو 188 ملين يورو (اٽڪل 61 ارب 50 ڪروڙ پاڪستاني رپيا) ملندا، جڏهن ته ميڊيا رپورٽن موجب سندس روزاني آمدني لڳ ڀڳ 16 ڪروڙ 84 لک رپيا هوندي.

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو