هينڊز فائونڊيشن ۾ نئين قيادت جي حلف برداري، ڊاڪٽر شيخ تنوير چيئرمين ۽ مقبول احمد راهو چيف ايگزيڪيوٽو مقرر

Spread the love

ملير (ڊر )  تازو ئي هينڊز فائونڊيشن پاران هينڊز جي مرڪزي دفتر گڏاپ ۾ حلف کڻڻ جي تقريب منعقد ٿي گذري. هن عظيم الشان تقريب جي صدارت هينڊز جي باني چيئرمين ڊاڪٽر عبدالغفار بلو ڪئي جڏهن ته خاص مهمان هينڊز جو اڳوڻو  چيئرمين ڊاڪٽر سعيد اسماعيل هيو. هن تقريب ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار بلوء هينڊز جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ نئين چيئرمين ڊاڪٽر شيخ تنوير کان عهدي جو قسم کڻايو جڏهن ته عهدي جو قسم کڻڻ کانپوء چيئرمين ڊاڪٽرشيخ  تنوير احمد اڳوڻي ڊپٽي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ هاڻوڪي چيف ايگزيڪيوٽو مقبول احمد راهوء کان عهدي جو قسم کڻايو هن تقريب ۾ هينڊز مرڪز جي سوين ڪارڪنن خوشي جو اظهار ڪندي هن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن موقعي تي نئين چيئرمين ڊاڪٽر شيخ تنوير احمد پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هينڊز جي پليٽ فارم تان چاليهه سال لڳاتار جدوجهد جو ذڪر ڪندي چيو ته اسان ڊاڪٽر عبدالغفار بلوء جي اڳواڻي ۾ ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ جو ڊگهو سفر شروع ڪيو آهي.

 هن چيو ته مون سرڪاري نوڪري تان هٿ کڻي هالا جي شهر ۾ هينڊز جهنڊو بلند ڪيو جيڪو اڄ پوري پاڪستان اندر جهولي رهيو آهي. ان کانپوء نئين چونڊيل چيف ايگزيڪيوٽو مقبول احمد راهو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پنهنجي هينڊز جي ٽيهن سالن جي جدوجهد تي روشني وڌي.

هن چيو ته مان نائين ڪلاس جو شاگرد هيس جڏهن منهنجو والد رفيق احمد راهو هينڊز جي سفر ۾ هڪ ڪميونٽي ميمبر جي طور تي شامل ٿيو هو ۽ سخت مخالفت جي باوجود ڳوٺ ۽ نياڻين جو اسڪول قائم ڪرائڻ ۾ سوڀارو ٿيو هيو. هن چيو ته شاگردي جي دور ۾ هينڊز اندر رضاڪار جي حيثيت سان شامل ٿيس ۽ لڳاتار هينڊز ۾ مختلف عهدن تي رهندي اڄ چيف ايگزيڪيوٽو بڻيو آهيان هن موقعي تي هينڊز جي اڳوڻي چيئرمين سعيد اسماعيل نون چونڊيل اڳواڻن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ ساڳئي ڏڻ کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عبدالغفار بلوء چيو ته اڄ مان هينڊز فائونڊيشن کي مضبوط هٿن ۾ ڏيندي تمام گهڻو خوش آهيان ۽ فخر محسوس ڪري رهيو آهيان هن تقريب جي ٻن ڏينهن بعد ڪالهه نون چونڊيل عهديدارن پنهنجي عهدن مطابق پنهنجي چارج سنڀالي ۽ باقائدگي سان ڪم شروع ڪري ڏنو

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو