شيفالي زريوالا جو اوچتو لاڏاڻو، اداڪارا جي دوست اهم رازن تان پردو کڻي ورتو

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل شيفالي زريوالا جي اوچتي ديهانت بابت نوان انڪشاف سامهون آيا آهن، سندس ويجهي ساٿي ۽ اداڪارا پوجا گھئي ڪجهه اهم رازن تان پردو کنيو آهي.
شيفالي زريوالا گذريل هفتي 42 ورهين جي عمر ۾ اوچتو فوت ٿي ويئي هئي، کيس 27 جون تي ممبئي ۾ پنهنجي رهائشگاهه کان اسپتال منتقل نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي .
شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، سندس موت جو سبب بلڊ پريشر ۾ تيزيءَ سان گهٽتائي ۽ دل جو دورو ڄاڻايو ويو آهي.
ٻئي پاسي اداڪارا پوجا گھئي موجب، ” ديهانت کان ٿوري دير اڳ، شيفالي ٻهپريءَ جو وٽامن سي جي آءِ وي ڊرپ لڳائي هئي.“
سندس چوڻ هو ته ” اها ڳالهه عام آهي، ڇاڪاڻ ته اسان مان گهڻا وٽامن سي واپرائيندا آهيون، خاص ڪري ڪورونا کانپوءِ ته اڪثر ماڻهو ان جي عادي ٿي ويا آهن.“
پوجا موجب، پوليس شيفالي جي گهر ڊرپ ۽ دوائون پهچائيندڙ همراهه کان پڇاڳاڇا ڪري رهي آهي.
هواڏنهن ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، شيفالي گذريل ڏهن ورهين کان اينٽي ايجنگ دوائون خاص ڪري گلوٿاٿائيون استعمال ڪري رهي هئي.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفات واري ڏينهن هن صبح جو پوڄا پاٺ ڪيو ۽ ٻهپريءَ جو پنهنجي معمولي روٽين موجب ڊرپ لڳائي، جيڪا هوءَ سال کان استعمال ڪري رهي هئي، پر ساڳئي رات ڏهين وڳي شيفالي اوچتو پنهنجي گهر ۾ ڪِري پئي، سندس مڙس کيس اسپتال وٺي ويو، پر هوءَ بچي نه سگهي.
شيفالي زريوالا پنهنجي مشهوري مشهور گيت”ڪانٽا لَگا“ ذريعي مشهوري ماڻي، جنهن کانپوءِ هوءَ ڀارتي پاپ ميوزڪ جي آئيڪون بڻجي ويئي.

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو