سڪرنڊ ۾ منشيات، جوا ۽ فحاشي خلاف احتجاجي مهم جو اعلان، 11 جولاءِ تي جاڳرتا ريلي ڪڍڻ جو فيصلو

Spread the love

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ ۾ وڌندڙ منشيات جي ڪاروبار ۽ واهپي، جوا ۽ فحاشي جهڙن ڪڌن ڌنڌن ۽ ٻين سماجي براين خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ ۽ احتجاج کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ جي ڊبليو سي جي گڏجاڻي تعلقي صدر محمد وارث نوناريءَ جي صدارت ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ مير محمد ڪيريو،

الياس جوڻيجو، شاهد کوسو، خير محمد لاکو، قربان چوهاڻ ۽ غلام نبي ملاح شرڪت ڪئي. ان موقعي تي هنن ڳالهائيندي چيو ته سڪرنڊ جي قلمڪارن طرفان ڪوٺايل اي پي سي ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته سڪرنڊ ۾ منشيات سميت ٻين براين خلاف ڀرپور مهم هلائي ويندي ۽ مختلف سياسي سماجي ۽ مذهبي تنظيمن ۽ جماعتن پاران سخت احتجاج ڪيا ويندا. اي پي سي جي ان فيصلي جي مد نظر جي ڊبليو سي جي اڄوڪي گڏجاڻيءَ ۾ اهو طئي ڪيو ويو آهي ته 11 جولاءَ جمع جي ڏينهن 9 وڳي شهر جي قلمڪارن،

 سياسي سماجي مذھبي جماعتن ۽ ساڃاھ وندن جي ساٿ سان جاڳرتا ريلي ڪڍي سخت احتجاج ڪيو ويندو. هنن شهر واسين کي پڻ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو ته منشيات سميت سموريون برايون سماج لاءِ ناسور آهن. اسان جو نئون نسل تباه ٿي رهيو آهي. اچو اسان جو ساٿ ڏيو ته جيئن سماج کي سنواري هڪ نئين ۽ خوبصورت ماحول کي جوڙيون.

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو