سڪرنڊ: جسقم پاران قومي ڪارڪنن جي گمشدگي خلاف احتجاج، فوري آزادي ۽ انصاف جو مطالبو

Spread the love

سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪماراوڏ) جيئي سنڌ قومي محاذ سڪرنڊ پاران مرڪزي سڏ تي قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي اڳواڻ مسعود شاه، تعلقي صدر مصطفٰى زئونر، قربان ٻنڀ، مورڙو مير بحر، برڪت جلباڻي، عالم ڪيريو ۽ ٻين چيو ته جسقم هميشه سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي. وسيلن ۽ زمينن جي ڦُرلٽ ۽ سنڌي ماڻھن تي ٿيندڙ ڏاڍ خلاف آواز اٿاريو آهي

 ان جيڪري جسقم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو وڃي ٿو. هنن چيو ته قومي ڪارڪنن فيصل مستوئي، بشير شر، عزيز ڀنگوار ۽ رستم شر کي به انڪري ئي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته اگر قومي ڪارڪنن تي ڪيس آهن ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته سمورن قومي ڪارڪنن کي هڪدم آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 ٻئي پاسي جساف سبو يونيورسٽي جي اڳواڻ شيراز شاه چيو ته دادو ۾ بابر جماليءَ جي ڀاءُ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي. بابر جماليءَ مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو