سکر: TDAP ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندن جو چيمبر آف ڪامرس جو دورو، برآمدات جي فروغ لاءِ سيمينار، ايس ايم ايز لاءِ جديد سهولتن تي روشني

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فدا حسين مهيسر، ڊپٽي مئنيجر مير محسن بلو، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سکر جي ڊپٽي چيف مئنيجر عمران صدف ۽ ايس ايم ايز لاءِ فوڪل پرسن فواد انصاري سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو دورو ڪيو. ان موقعي تي چيمبر جي صدر محمد خالد ڪاڪيزئي،

سينيئر نائب صدر اميت ڪمار، نائب صدر ملڪ محمد اويس رئيس، بينڪنگ اينڊ فنانس ڪميٽي جي ڪنوينر عبدالمجيد قريشي ۽ ٻين ميمبرن سان گڏ برآمدات کي فروغ ڏيڻ لاءِ هڪ اهم سيمينار سکر چيمبر ۾ منعقد ڪيو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي نمائندي عمران صدف پنهنجي خطاب ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي مختلف اسڪيمن تي تفصيل سان روشني وڌي جنهن جي ذريعي صنعتي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو خاص طور تي ايس ايم ايز مالڪن جديد مشينري درآمد ڪري پنهنجي پيداوار جي صلاحيت ۾ جدت ۽ واڌ ڪري سگهن ٿا.

 هن چيو ته سکر ريجن جي ڪپهه، چانورن ۽ اٽي سان لاڳاپيل صنعتڪار انهن اسڪيمن مان فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ڪيترائي صنعتڪار اڳ ۾ ئي انهن اسڪيمن تحت ڪاميابي سان پنهنجي صنعت کي جديد لائينن تي آڻي چڪا آهن. هن اهو به ٻڌايو ته قرض حاصل ڪرڻ لاءِ تجارتي بئنڪن سان رابطو ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ سڌو اسٽيٽ بئنڪ سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. ٻئي طرف،

 TDAP جي ڊپٽي مئنيجر جي افشاء عروس واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ مختلف عملي قدمن تي روشني وڌي ، جنهن ۾ اهم نقطن تي آن لائن سيشن ذريعي تربيت ڏني وئي ، جهڙوڪ ڪاروباري منصوبي جي تياري ، بين الاقوامي آن لائن پليٽ فارمز تي مصنوعات جي اشتهارسازي ، خريد ڪندڙن سان رابطو ڪرڻ جا طريقا ، مصنوعات جي ترسيل ، ڪسٽم ڪليئرنس ، پاڪستان سنگل ونڊو جو موثر استعمال.

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو