سکر ۾ شديد گرمي ۽ ٻوسٽ سبب ڪاروباري ۽ گهريلو سرگرميون متاثر
سکر(رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر ۾ گرمي جو زور نه ٽٽو ٻوسٽ واري موسم سبب ڪاروباري ۽ گهريلو وهنوار سخت متاثر۔روڊن تي ٽريفڪ به معمول کان گهٽ۔ان سلسلي ۾ سکر ۾ ڪجھ ڏينهن اڳ پيل هلڪي برسات کانپوء سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ سبب واري موسم ماڻھن کي گهرن ۽ دوڪانن تائين محدود ڪري ڇڏيو ٻوسٽ واري موسم جي ڪري گهريلو ۽ ڪاروباري سرگرميون سخت متاثر ٿي ويون جڏهن ته گرمي سبب روڊن تي ٽريفڪ به معمول کان گهٽجي وئي۔
ان ڏس ۾ دوڪاندارن جو چوڻ آھي ته محرم الحرام جي مهيني دوران ڪاروبار گهٽجي وڃيٿو هن مهيني ۾ شاديون به اڪثر ناهن ٿينديون جنهن سان خريداري تي اثر پوندو آھي جڏهن ته گرمي به عام ماڻھن کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آھي هوڏاهن شھرين جوبه چوڻ آھي ته ڪجھ ڏينهن اڳ سکر ۾ برسات پئي هئي پر هلڪي برسات کانپوء به گرمي گھٽجڻ بجاء وڌي وئي آھي
جنهن سبب گهريلو وهنوار تي به اثر پئجي رهيا آھن۔ٻئي پاسي رڪشا ۽ ٻين لوڪل مسافر گاڏين جي ڊرائيورن جو به چوڻ آھي ته ٻن ڏينهن کان گرمي ۽ ٻوسٽ وارو موسم هجڻ ڪري ماڻھون لوڪل سفر ڪرڻ کان به لنوائن پيا جنهن جا اثر اسان جي روزي تي پون ٿا روڊن تي به تمام گهٽ گاڏيون هلن ٿيون۔
جُولاءِ 1, 2025