سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سائنس جي شاگردن لاءِ انٽرنشپ پروگرام جو آغاز، صحافتي تربيت ۽ شعور اجاگر ڪرڻ تي زور

Spread the love

سکر (رپورٽ:امداد گل ڪلوڙ) سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سائنس جي شاگردن لاءِ انٽرنشپ پروگرام شروع ڪيو ويو. سکر پريس ڪلب ۾ ميڊيا سائنس جي شاگردن لاءِ انٽرنشپ پروگرام جو باقاعده آغاز ٿي چڪو آهي. هن پروگرام جو مقصد شاگردن کي صحافت جي عملي ميدان ۾ متعارف ڪرائڻ ۽ انهن جي پيشه وراڻي تربيت کي فروغ ڏيڻ آهي.

 انٽرنشپ جي شروعاتي ڏينهن تي مختلف صحافتي موضوعن تي تفصيلي ليڪچر ڏنا ويا، جن ۾ نيوز رائيٽنگ، رپورٽنگ، ايڊيٽنگ، ۽ ميڊيا جي اخلاقيات تي خاص زور ڏنو ويو. سينيئر صحافي سحرش کوکر تربيتي  سيشن ۾ شاگردياڻن جي رهنمائي ڪئي. سحرش کوکر چيو ته سکر پريس ڪلب پاران ان انٽرنشپ پروگرام نوجوانن ۾ صحافتي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ انهن جي صلاحيتن کي نڀائڻ جي ڪوشش آهي جنهن ۾ وڌيڪ سيشن ۾ فيلڊ ورڪ ، نيوز ڪوريج ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي تربيت به شامل هوندي.

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو