سيوهڻ ۾ منشيات فروش گرفتار، ايس اي پي عبدالله افضل گجر جو ڪامياب ڪريڪ ڊائون جاري

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ :محمد صفر ايم سيوھاڻي)   ايس اي پي سيوهڻ عبدالله افضل گجر جو منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جو سلسلو جاري ۽ ساري،   سيوھڻ شھر ۾ منشيات فروشن کان هفتيوار ڪرائي وصول ڪندڙ ڪاري بگھڙ بي نقاب ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي،  اي ايس پي سيوهڻ ۽ ون فائيو انچارج پاران ڪالهه  سيوھڻ شھر ۾ مضبوط ۽ ڪامياب گڏيل ڪارروائي، سيوهڻ جو مشهور منشيات فروش فياض ملاح،

جيڪو سيوهڻ جي صدر محلا  جو رهواسي آهي،

ان کي گرفتار ڪيو ويو،  گرفتار منشيات فروش فياض ملاح کان 5 ڪلو کان وڌيڪ  منشيات هٿ، فياض ملاح خلاف سيوهڻ پوليس اسٽيشن ۾ منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، فياض ملاح کان هفتيوار ڪرائي وصول ڪندڙ ماڻهن ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آھي.

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو