سيوهڻ ۾ ايگزيڪيوٽو انجنيئر رافيل مهاجر تي چار ڪروڙ رپين جي مبينه ڪرپشن جو الزام، شهري صاف پاڻي کان محروم

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر ايم سيوھاڻي) سيوهڻ شريف ۾ پبلڪ هيلٿ سب ڊويزن سيوھڻ ۽ ڄامشورو آپريشن مينٽينس جي نئين آيل ايگزيڪيٽو انجنيئر رافيل مھاجر جو عجيب ڪارنامو، ايگزيڪيوٽو انجنيئر رافيل مهاجر چارج وٺندي ئي ڏهن ڏينهن اندر آر او ۽ فلٽر پلانٽن جي ٽي ماھي قسط جا چار ڪروڙ روپيہ  ٽريزري مان ڪڍرائي خرد برد ڪري ڇڏيا، ۔

 ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر رافيل مهاجر سب انجنيئر جي ڀاء جي غير رجسٽرڊ ڪمپني گلوبل جي نالي تي چار ڪروڙ رپيا ڪڍرائي ورتا آهن، جڏهن ته هن مهل تائين تعلقي سيوهڻ سميت ضلعي ڄامشورو جا ڪئين آر او ۽ فلٽر پلانٽ غير فعال بڻيل آھن، ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته انجنيئر رافيل مهاجر ڪاغذي ڪارروائي ۾ آر  او ۽ فلٽر پلانٽ چالو ڏيکاري ڇڏيا آهن، ٻئي طرف سيوهڻ شريف سميت ضلعي ڄامشورو جا شهري هن مهل تائين صاف پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آھن،

جيڪو شهرين جو بنيادي حق پڻ آهي، تعلقي  سيوھڻ  جي  رھواسين چيف جسٽس آف سنڌ ۔ وزير اعلئ سنڌ ۔ چيف سيڪريٽري سنڌ ۔ سيڪريٽري پبلڪ ھيلٿ سنڌ ۔ چيف انجنيئر پبلڪ ھيلٿ حيدرآباد ۽ ڊپٽي ڪمشنر  ڄامشورو  کان پر زور مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته  ايگزيڪيوٽو انجنيئر آپريشن مينٽنس رافيل مھاجر جي ڪيل مبينہ ڪرپشن جي انڪوائري ڪرائي سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي خرد برد ڪيل سموري رقم آر او ۽ فلٽر پلانٽن تي خرچ ڪري ضلع ڄامشورو جي عوام  کي پيئڻ لاء صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

جُولاءِ 1, 2025

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو