خواجا سعد رفيق حڪمران اشرافيا کي چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد /لنڊن (ويب ديڪس) خواجا سعد رفيق هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ چيو آهي ته ”سوات درياهه ۾ طوفاني لهرن ۾ ڦاٿل بي يارو مددگار 18 ڄڻن جو هڪ ٻئي پٺيان لڙهي وڃڻ قيامت جهڙو الميو آهي، انهن کي ٻڏندو ڏسي دل ڏرڻ لڳي ٿي، ايتري بي وسي، پنهنجي اکين سامهون پنهنجي پيارن کي ٻڏندو ڏسڻ ۽ پنهنجي واري جو انتظار ڪرڻ، ايتري اذيت، الامان، الامان، المناڪ سانحن جو تسلسل وڌندو پيو وڃي،
ڪڏهن ڪوئلي جي کاڻين ۾ غريب کاڻ کوٽيندڙن جي دٻجڻ جون خبرون، گٽرن جي صفائي لاءِ لهندڙ مزدورن جو حياتي وڃائڻ، ڪڏهن بي ڏوهن تي دهشتگرد حملا، مسنگ پرسنز جا الميا، ڪچي ۽ پڪي جي ڌاڙيلن جي يلغار، غربت هٿان ستايل/وڪرو ٿيندڙ عورتون، ٻار ۽ مرد، بک وگهي دم ڏيندڙ لاوارث شهري، پر ڪنهن کي فرق پوي ٿو؟ پياري وطن ۾ انسانيت جي تذليل ۽ انساني زندگي جي بي قدري جا ڇرڪائيندڙ واقعا ڏسي حڪمران طبقن جي ڪنن تي جونءِ به نٿي سري، انصاف، آئين، جمهوريت، حق،
آزادي ۽ عوام جي نالي تي اقتدار جون بي رحم جنگيون وڙهندڙ حڪمران اشرافيا مذمت يا تعزيت ته ڪري سگهي ٿي، انساني جان، مال ۽ عزت جي تحفظ لاءِ جٽادار حل ڳولڻ جي صلاحيت کان قاصر آهي. ڪير مڃي يا نه مڃي، ووٽ ذريعي تبديلي آڻڻ سان عوامي جو ويساهه کڄي چڪو آهي، ووٽ جي فيصلن کي وري وري چٿيو ويو آهي، آئين ۽ انصاف جي حڪمراني خواب بڻجي چڪي آهي،
اسان وٽ پنهنجن پنهنجن بت خانن جي حق ۾ دليلن جا انبار آهن پر انسانيت جي عزت ۽ انصاف جي تحفظ کان اسان وانجهيل آهيون. ٻرندڙ جبل تي سوار اشرافيا کي خبر هجڻ گهرجي ته عوامي ڪاوڙ ٻڙڪي رهي آهي، خاص طور تي نوجوانن ۾ باهه وڌي رهي آهي، جنهن ڏينهن اها ڪاوڙ جي باهه ڦاٽي ته سمورو نظام ساڙي ڇڏيندي“ اهو سڀ چوڻ لاءِ جرئت کپي ٿي،
هر ماڻهو جو ڪم آهي ته پنهنجي حصي جو ڪم جيترو ٿي سگهي ڪري، اڳتي ڪير ٻڌي يا نه ٻڌي اهو ٻين جو ڪم آهي. پاڪستان جا مسئلا ايترا وڏا آهن جو اهي هڪ پارٽي جو مسئلو ناهي. اهو ماڻهو جنهن هٿ ۾ وڃائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، هڪ وقت تائين خاموش رهي سگهجي ٿو، ضمير نيٺ بيهندو آهي. اها معمول جي ڳالهه ناهي ته خواجا سعد رفيق اهو سڀ ڪجهه چئي رهيو آهي. خواجا سعد رفيق چوي ٿو ته پاڪستان ۾ آئين جي حڪمراني ناهي. جنهن شخص ۾ نبض هوندي آهي اهو نيٺ ڳالهائيندو آهي.
جُولاءِ 1, 2025